سريلنڪن ليجنڊ ڊي ايس ڊي سلوا لاڏاڻو ڪري ويو

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) اڳوڻو سريلنڪن ڪرڪيٽر ڊي ايس ڊي سلوا لاڏاڻو ڪري ويو.
سريلنڪن ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ڊي ايس ڊيسلوا 12 ٽيسٽ ۽ 41 هڪ ڏينهن وارين ميچن ۾ سريلنڪا جي نمائندگي ڪئي.
ڊي سلوا 1982ع ۾ پهرين ٽيسٽ ميچ کيڏندڙ سريلنڪن ٽيم جو رڪن هو.
هن 2009 کان 2011 تائين سريلنڪا ڪرڪيٽ جي عبوري ايڊمنسٽريشن جو چيئرمين طور خدمتون انجام ڏنيون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.