نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ميڊيا آسٽريليا جي شهر سڊني جي بونڊي سمنڊ ڪناري حملو ڪندڙ ساجد اڪرم ڀارتي شهري هجڻ جو اعتراف ڪري ورتو.
ڀارتي ميڊيا موجب حملي آور ساجد اڪرم 1998 ۾ ڀارتي شهر حيدرآباد کان آسٽريليا منتقل ٿيو.
ڀارتي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ذريعن ڀارتي ميڊيا سان گفتگو ڪندي ٻڌايو ته ساجد اڪرم جو تعلق ڀارتي رياست تلنگانا جي شهر حيدرآباد سان آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب ساجد اڪرم جو پٽ نويد اڪرم آسٽريليا ۾ ڄائو.
واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ سڊني جي بونڊي سمنڊ ڪناري ٻه هٿياربندن فائرنگ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ حملي آور سميت 16 ڄڻا مارجي ويا ۽ 40 زخمي ٿيا هئا.
You might also like