ڪراچي (رپورٽر) هلندڙ سال ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ سبب 250 کان وڌيڪ موت، صوبائي گهرو وزير ان کي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ قرار ڏئي ڇڏيو، صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته حڪومت ڪراچي ۾ ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ حادثن ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ سنجيدگي سانڪم ڪري رهي آهي، پر ڪجهه سياسي جماعتون هن معاملي تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، هي ڳالهه ضياءُ الحسن لنجار سنڌ اسيمبلي ۾ ايم ڪيو ايم جي ميمبر معاذ محبوب جي هڪ ڌيان ڇڪائڻ واري نوٽيس جو جواب ڏيندي ڪئي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ميمبر نوٽيس ۾ پڇيو هو ته ڪراچي ۾ هيوي ٽريفڪ سبب حادثن جي روڪٿام لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، جڏھن ته هن سال واٽر ٽينڪر ۽ هيوي ٽريفڪ سبب 245 شهرين حياتيون وڃايون آهن، صوبائي گهرو وزير تسليم ڪيو ته هيوي ٽريفڪ سبب حادثا روزاني بنياد تي ٿي رهيا آهن ۽ هن وقت تائين لڳ ڀڳ 250 ماڻهو پنهنجون زندگيون وڃائي چڪا آهن، پر حڪومت کي هن صورتحال جي مڪمل ڄاڻ آهي، هن ٻڌايو ته ايوان ۾ هن مسئلي تي هڪ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ٽريفڪ جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، پر افسوس سان ڪجهه سياسي پارٽيون هن تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيون آهن، هن چيو ته ٽريفڪ قانون جي ڀڃڪڙي تي ٽرالرز تي هڪ لک رپين جو چالان آهي ۽ هڪ ٽرالر تي ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا به چالان لڳايو ويو، ڪراچي ۾ 12 هزار کان وڌيڪ ٽرڪن ۽ ڊمپرز تي ٽريڪرز لڳايا ويا آهن، حادثن جا ڪيترائي سبب آهن، جهڙوڪ موٽر سائيڪل سوارن جو هيلمٽ نه پائڻ، آگاهي مهم جي باوجود به ماڻهو هيلمٽ استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.