ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) ام رباب چانڊيو پاران پنھنجو وڊيو بيان جاري ڪندي چيو ويو آھي ته جاگيردارن کي ھڪ نئون ميڪپ اپ ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو، ھن چيو ته سنڌ جي اندر کليل ڪچھرين جي بھاني ماڻھن کي هراسان ڪيو پيو وڃي، مان حيران آھيان ته پوري مشينري ڊي سي ، اي ايس پي سان گڏ ايم پي اي ، ايم اين اي ۽ جااھل وڏيرا ماڻھن پاران سوال ڪرڻ تي سرعام ڌمڪائي رھيا آھن انھن جا چمچا ماڻھن جون ڳچيون پڪڙڻ لاءِ اٿيا اٿيا وڃن ٿا مان سوال ڪيان ٿي اتي ويٺل ايس ايس پي کان ته اوھان جي موجودگي ۾ جن وڪيلن ۽ شھرين پنھنجي حق جي ڳالھه ڪري سوال ڪن ٿا وري انھن جي تذليل ٿئي ٿي انھن مٿان حملو ٿيو ڇا ان معاملي جو ڪيس داخل ٿيو آھي، هن چيو ته مان پيپلزپارٽيءَ کان سوال ڪيان ٿي ته ھي ڪھڙي کليل ڪچھري آھي ھي ڪھڙو انصاف آھي جو اوھان ماڻھن جا سوال ٻڌڻ لاءِ تيار نه آھيو ۽ سوال ڪندڙن کي ڌمڪائڻ ۽ هراسان ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آھي، مان سلام پيش ڪيان ٿي انھن شعورمند ماڻھن نوجوانن کان جيڪي کليل ڪچھرين ۾ وڃي انھن جي ڊرامن کي وائکو ڪيو پنھنجي حقن جي ڳالهھ ڪئي ۽ انھن کان سوال ڪيا آھن، يقينن منھنجي بابا جو روح خوش ٿيو ھوندو جو سنڌ جي ماڻھن ۾ شعور آيو آھي ماڻھو جاگيردارن سردارن سان اکيون اکين ۾ ملائي سوال ڪري رھيا آھن اھيو ئي اسان جو مقصد آهي اسين ڪاميابي حاصل ڪري چڪا آھيون، پيپلزپارٽيءَ جي قيادت سردار وڏيرا جاگيردار ٻڌي ڇڏن ۽ پيپلزپارٽيءَ پنھنجي وڏيرن سردارن ۽ جاگيردارن کي لغام ڏئي ته سنڌ جي عوام ھنن جي غلام نه پر ھي سنڌ جي عوام جا غلام آھن، جيڪڏهن ھي ماڻھو سرداري ۽ وڏيراپن مان نڪري نه ٿا سگھن ته پوءِ ايم اين اي ، ايم پي اي شپ ڇڏي ڏين ۽ پوءِ سردار بڻجي گهر ويهي رهن.