ڊيزل جي قيمت ۾ 14 رپيا في ليٽر گهٽتائي، پيٽرول اگهه برقرار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪري ڇڏيو،
وفاقي توانائي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊيزل جي قيمت ۾ في ليٽر 14 رپيا گهٽتائي ڪئي وئي آهي،14 رپيا گهٽتائي کان پوءِ ڊيزل جي نئين قيمت في ليٽر 265 رپيا 65 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي ۽ اها في ليٽر 263 رپيا 45 پيسا تي برقرار رکي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.