هر طاقتور ماڻهو سمجهي ٿو ته سنڌي اسان جا غلام آهن:اياز لطيف

حيدرآباد/دادو (پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته پاڻ سڀ سنڌي قوم آهيون، سنڌ ۾ ڪو به سردار، وڏيرو يا فرد ڪنهن ذات، قبيلي يا برادري کي قوم سڏي ته اتي موجود هر سنڌي، فورن ان لفظ جي درستگي ۽ مزاحمت ڪري، سنڌ جي ماڻهن کي برادرين ۽ ذاتين جي اتحاد ۽ قبيلائي نظام ۾ جڪڙيو ويو آهي، دنيا چنڊ ۽ مريخ تي پھچي وئي، اسين ذاتين ۽ قبيلائي، تشدد، جبر ۾ مصروف آھيون، سنڌ ۾ سرداري، جاگيرداري، جرڳائي وڏيرڪو نظام آھي جنھن ڪري ھر طاقتور ماڻھو سمجھي ٿو ته سنڌي ماڻھو اسان جا ذاتي غلام آھن، سنڌ کي سرداري، جاگيرداري ۽ وڏيرا شاهي مان نجات ڏيارڻي پوندي، سنڌ جي جاگرافيائي حدن سان ھٿ چراند بند ڪئي وڃي، سنڌ جي تباھي تي پارليامينٽ، عدالتون ۽ اردو ميڊيا لاتعلقي ختم ڪن. وڏيون سياسي پارٽيون ٽڪراءُ بدران ڳالھين جو رستو اختيار ڪن. سنڌ جي زمينن، پاڻي، ٻيٽن ۽ وسيلن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين، اياز لطيف پليجي چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ جي دولت ۽ وسيلا ڏئي چوٿون ڀيرو اقتدار خريد ڪيو. پيپلزپارٽي کي مسلسل سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو اقتدار ملڻ باوجود سنڌ کي خوشحالي ڏيڻ بدران سنڌ کي تباھ ۽ برباد ڪري ڇڏيو آهي، خراب حڪمراني، بدعنواني، عوام دشمن معاشي پاليسي ۽ عالمي طاقتن کي ڊڪٽيشن وڏا مسئلا آھنم پاڪستان ۾ ھر ايندڙ حڪومت گذريل حڪومت جو تسلسل ثابت ٿي آھي، ڪنھن به حڪومت جي پاليسي عوام دوست ۽ ترقي واري ناھي رھي. خراب حڪمراني جي ڪري حڪمراني طبقي کي سموريون مراعتون حاصل آھن، باقي ڪروڙين عوام بنيادي انساني حقن کان محروم آھي، ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ مظھر راھوجو، مرڪزي ترجمان اشرف پليجو، شوڪت تنيو، ڪامريڊ ڪرڙ ريٻاري، ارسلا بھلڪاڻي ۽ ايڊووڪيٽ مير کوسو دادو ۾ قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي سميت ٻين قومپرست اڳواڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرڻ جي مذمت ڪندي فوري طور ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي. اڳواڻن چيو آھي ته پيپلز پارٽي اقتدار خاطر سنڌ جي زمين، درياھ ۽ وسيلن جو سودو ڪيو آھي، 27ھين ترميم ذريعي عدليا ۽ جمھوريت کي ختم ڪيو ويو آھي. عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ سنڌ ۾ ڪوڙا ڪيس ڪيا پيا وڃن، جمھوريت جي نالي ۾ سنڌ جي عوام سان فراڊ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.