لاهور (امداد سومرو) هڪ واضح پيغام سامهون آيو آهي ته احتساب هاڻي رڳو جرنيلن تائين محدود نه رهندو، پر ان ۾ ججن ۽ سينئر بيوروڪريٽن کي به شامل ڪيو ويندو. اهو نٿو ٿي سگهي ته هڪ جرنيل کي سزا ملي ۽ جج يا بيوروڪريٽ بچي وڃن. هي پيغام ان وقت سامهون آيو آهي، جڏهن مطالبا وڌي رهيا هئا ۽ خبرون گردش ڪري رهيون هيون ته جنرل فيض حميد کان پوءِ هاڻي اڳوڻي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو وارو ايندو، ڇو ته چيو پئي ويو ته فيض حميد جيڪي به قدم کنيا، اهي باجوا جي هدايتن تي کنيا. تنهنڪري اهو ڪيئن ممڪن آهي ته فيض حميد کي سزا ملي ۽ باجوا بچي وڃي. هي هڪ دلچسپ ۽ پيچيده ڪهاڻي آهي، جنهن جو ماضي به گهڻو ڳنڍيل آهي. فيض حميد، جنرل قمر جاويد باجوا ۽ ڪجهه ججن وچ ۾ ڳٺ جوڙ هو، جنهن جو مقصد عمران خان کي اقتدار تائين آڻڻ هو. اها پروجيڪٽ سازي گهڻي عرصي کان جاري هئي، جنهن کي آخري شڪل هڪ ٽولي ڏني، جنهن ۾ اڳوڻو چيف جسٽس ثاقب نثار به شامل هو. ان کان پوءِ ايندڙ چيف جسٽسن به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، ۽ اها ڪهاڻي عمر عطا بنديال تائين پهتي. جيڪي جج بعد ۾ فائدو وٺي هليا ويا، سي به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ عمران خان کي رليف ڏيڻ يا واپس آڻڻ ۾ سهولتڪاري ڪندا رهيا. جڏهن عمران خان تي ڏکيو وقت آيو، ته ڪجهه ڏينهن اڳ خواجا آصف اهو چيو ته اڃا به ادارن اندر اهڙا ماڻهو موجود آهن، جيڪي عمران خان کي واپس آڻڻ چاهين ٿا. فيض حميد جڏهن ليفٽيننٽ جنرل طور پشاور جو ڪور ڪمانڊر هو، تڏهن سندس سازشن بابت گهڻيون ڳالهيون سامهون آيون، جن ۾ عاصم منير جو رستو روڪڻ ۽ پنجاب جي ضمني چونڊن تي اثرانداز ٿيڻ شامل هو. انهن چونڊن دوران عمران خان جو ڌيان چونڊ مهم کان وڌيڪ ان ڳالهه تي هو ته آصف زرداري ۽ نواز شريف ايندڙ آرمي چيف مقرر نه ڪن، ڇو ته کيس عاصم منير کان ڊپ هو. ان دور ۾ فيض حميد ۽ قمر جاويد باجوا عمران خان جي سهولتڪاري ڪئي، ۽ عدالتي فيصلن ذريعي کيس پنجاب ۾ ٻيهر آندو ويو. اهو هڪ تاريخي عدالتي فيصلو هو، جنهن ۾ عملي طور آئين جي نئين سر تشريح ڪئي وئي. سهولتڪاري مختلف شڪلن ۾ جاري رهي. هاڻي جڏهن فيض حميد کي ٽاپ سٽي سميت مختلف الزامن ۾ چودهه سال سزا ملي آهي، ته بحث باجوا ڏانهن وڌي رهيو آهي. چيو پيو وڃي ته احتساب رڳو فوج تائين محدود نه هوندو، پر عدليا ۽ بيوروڪريسي به ان ۾ شامل ٿيندي. پر حقيقت اها آهي ته باجوا خلاف في الحال ڪو به ڪيس يا ڪارروائي ناهي. پاڪستان جي عدليا کي مقدس ڳئونسمجهيو وڃي ٿو. جنرل پرويز مشرف آئين ٽوڙيو، مارشل لا لڳايو، کيس سزا ٿي، پر آئين ٽوڙڻ ۾ ساٿ ڏيندڙ ڪنهن به جج خلاف اڄ تائين ڪا فوجداري ڪارروائي نه ٿي. جن ججن تي ڪرپشن جا الزام ثابت ٿيا، سي استعيفائون ڏئي گهر هليا ويا، پر سندن خلاف به ڪو وڏو احتساب نه ٿيو. پاناما ڪيس دوران نواز شريف کي اهو ڀرم هو ته ثاقب نثار سندس حق ۾ هوندو، پر پوءِ ساڳي عدليا نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو. اهو ئي اهو نيڪسَس آهي، جنهن ۾ هڪ ماڻهو کي سزا ملي آهي، پر ٻيا محفوظ آهن. ٽاپ سٽي ڪيس ۾ به سپريم ڪورٽ جي هدايتن باوجود فيض حميد کي پروموشن مليو. فيض آباد ڌرڻي بابت سپريم ڪورٽ چيو هو ته فيض حميد فوج ۾ رهڻ جو اهل ناهي، پوءِ به کيس وڌيڪ عهدن تي ترقي ڏني وئي. هاڻي ذريعن جو چوڻ آهي ته فيض حميد خلاف ته ڪارروائي ٿي وئي آهي، پر باجوا خلاف نه ٿيندي. انصار عباسي جي خبر ذريعي پيغام اهو آهي ته باجوا جو نالو نه کنيو وڃي، ڇو ته جيڪڏهن ائين ٿيو ته پينڊورا باڪس کلي ويندو ۽ معاملو تمام اڳتي وڌي ويندو. باجوا پاڻ انٽرويوز ۾ چيو هو ته ادارتي فيصلي تحت عمران خان کي آندو ويو. جيڪڏهن معاملو اتي پهچي ويو ته ڪيتريون ڳالهيون سامهون اچي سگهن ٿيون. في الحال انتظار آهي ته جيئن جرنيلن سان گڏ سندن سهولتڪار ججن کان به گهٽ ۾ گهٽ سوال پڇيا وڃن. ضروري ناهي ته فوري سزا ڏني وڃي، پر سچ سامهون آڻڻ لاءِ پڇا ڳاڇا ٿيڻ گهرجي، ته جيئن قوم کي خبر پوي ته ماضي ۾ فيصلا ڪيئن ۽ ڪنهن جي اشارن تي ٿيندا رهيا.