شڪارپور شڪي مقابلو: مقبول شيخ پاران صابر شيخ کي مارڻ جي جاچ جو مطالبو

شڪارپور (رپورٽ: زاھد سنجراڻي) منچر شاھ آپريشن ۾ مبينه پوليس مقابلي دوران مارجي ويل غلام محمد بکراڻي جي پٽ مسجد جي پيش امام غلام رسول بکراڻي جي پوليس ڪٿي به گرفتاري ظاھر نه ڪئي آھي جنھن ڪري سندس وارث پريشان آھن وارثن پاران خدشو ظاھر ڪيو پيو وڃي ته پوليس ڪيس ڪٿي ڪوڙي مقابلي ۾ نه ماري چڏي وارثن دانھيندي چيو ته چار  ڏينھن اڳ منچر شاھ قبرستان ۾ آپريشن دوران گرفتار ڪيل پيش امام جو والد مارجي ويو ھو جنھن بعد سندس پٽ کي پوليس گرفتار ڪري گم ڪري چڏيو آھي جڏھن ته منچر شاھ آپريشن بابت سابق صوبائي وزير سردار مقبول شيخ پنھنجي بيان ۾ چيو ته برادري ۾ چڱا به آھن ۽ خراب به آھن انھن جي ڪري برادري کان لاتعلقي نٿو ڪري سگھان ھن چيو ته منچر شاھ آپريشن ۾ پھريون فائر پوليس مٿان ڪيو ويو جنھن ۾ ڊي ايس پي پارس بکراڻي ۽ ڊي ايس پي ظھور سومرو زخمي ٿيا ان کانپوءِ پوليس جو رد عمل آيو جنھن ۾ برادري سان واسطو رکندڙ مارجي ويا آھن ھن چيو ته براردري جي ھڪ ماڻھو صابر شيخ کي پوليس کڻي ماريو آھي جنھن لاءِ ٻڌايو پيو وڃي ته ھو اتي لاش ڏسڻ ويو ھو ان جون  وڊيوز به سوشل ميڊيا تي ھلندڙ آھن ان جي انڪوائري ڪرائي وڃي ان بابت مون ايس ايس پي سان به ڳالھايو آھي مان ڊي آءِ جي لاڙڪانو کي به چوندس ته ان معاملي جي انڪوائري ڪرائي مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي،هن چيو ته  صابر شيخ جو نه منچر شاھ ۾ گھر آھي نه وري ان جو ڪو واسطو ھو ھن چيو ته منچر شاھ آپريشن ۾ مارجي ويلن ۾ ڪو به منھنجو گارڊ نه ھو سياستدان سان ھر ماڻھو جو تعلق آھي جيڪڏھن ڪنھن پروگرام ۾ ڪنھن سان ڪا تصوير آھي ته ان سان ڪو فرق نٿو پوي،هوڏانهن  ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب  پٺاڻ پنھنجي ھڪ بيان ۾ چيو ته منچر شاھ آپريشن دوران مارجي ويل ڏوھاري ھئا ڏوھاري جو ڪھڙي به ذات سان تعلق ھجي ان کي بخش نه ڪيو ويندو شڪارپور ۾ ڪٿي به نو گو ايريا نه آھي جيڪو به ڏوھاري ڏوھ ڪندو ان جو انجام به اھڙو ئي ٿيندو ڪنھن جو وارو پھريان ڪنھن ڏوھاري جو وارو بعد ۾ آھي ڏوھاري ھڪ نه ھڪ ڏينھن پنھنجي انجام تي ضرور پھچندا ھن چيو ته پوليس پھنجو ڪم ڪري رھي آھي اسٽيٽ کي چيلينج ڪندڙن کي بخش نه ڪيو ويندو ھٿيار ڦٽا ڪندڙن سان ڪجھ رعايت ٿي سگھي ٿي ڏوھاري ھٿيار فٽا ڪري قانوني طور ڪيسن کي منھن ڏين مٿن ڪو وڌيڪ  ڪيس داخل نه ڪيو ويندو ھوڏانھن مارجي ويل نوجوان صابر شيخ جي ڀاءُ علي مراد شيخ عوامي آواز آڏو دانھيندي چيو ته منھنجو ڀاءُ بي گناھ پوليس کڻي ماريو ان جا ٻچا يتيم ڪيا آھن ظالمن اسان سان ظلم ڪيو آھي اسان عوامي آواز ميڊيا گروپ جا احسان مند آھيون جنھن منھنجي ڀاءُ جي بي گناھي واري خبر سڀ کان اول رپورٽ ڪئي ھن چيو ته اسان پنھنجي سردار مقبول احمد  شيخ کي پاڻ سان ٿيل ظلم جي حقيقت ٻڌائي آھي ان يقين ڏيارريو آھي ته اسان سان زيادتي نه ٿيندي اسان سان انصاف ڪرايو ويندو ھن چيو اسان اڄ تڏو کنيو آھي انصاف لاءِ عدالت به ويندا سين اسان سان ظلم ٿيل آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.