ڪارپوريٽ فارمنگ قومي خودمختياري لاءِ موت برابر آهي:ساجد مهيسر

ڪي اين شاهه (پ ر) تعلقي بار ايسوسيئيشن خيرپور ناٿن شاهه ۾ عوامي تحريڪ پاران 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ “سنڌ جو وجود ۽ وسيلا بچايو مارچ” جي حوالي سان وڪيلن کي دعوتون ڏنيون ويون، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي ليگل ايڊوائيزر ايڊووڪيٽ نجيب رحمان مهيسر، عوامي تحريڪ جي اڳواڻ مصطفيٰ رحمان ابڙو ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر اعتزاز گائينچو تعلقا بار خيرپور ناٿن شاهه پهچي وڪيلن ايڊووڪيٽ لعل شاهه، ايڊووڪيٽ شاهه پسند لغاري، ايڊووڪيٽ سلطان احمد آرائين، ايڊووڪيٽ فرحان علي سومرو، ايڊووڪيٽ مظھر علي گاڏھي، غلام سرور گاڏھي، ايڊووڪيٽ شيراز مشوري، ايڊووڪيٽ منور علي لغاري سميت ٻين وڪيلن کي 21 ڊسمبر تي لاڙڪاڻي ۾ ٿيندڙ مارچ ۾ شرڪت جي دعوت ڏني، ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين ٽوئرزم جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن، پاڻي ۽ وسيلن کي عسڪري ادارن سان لاڳاپيل ڪمپنين حوالي ڪرڻ جون سازشون ٿي رهيون آهن، ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ جي هاري، آبادگار ۽ قومي خودمختياري لاءِ موت برابر آهي، جنهن خلاف گڏيل جدوجهد وقت جي اهم ضرورت آهي، پاڪستان ۾ جمهوريت وڌيڪ ڪمزور ٿي رهيو آهي، جڏهن دنيا ۾ سويلين ۽ جمهوري حڪومتون مضبوط آهن، پر اسان وٽ پوسٽ هائبرڊ سسٽم کان به بدتر نظام آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ، بدامني، قبائلي جهيڙا، اغوا ۽ لاقانونيت عوام کي عدم تحفظ جو شڪار بڻائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته حڪمران ڌريون مڪمل طور ڌاڙيلن جون سرپرست بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.