ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آسٽريليا جي بگ بيش ليگ (بي بي ايل) هن سال پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي شموليت سان مقبوليت جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.
اي ايس پي اين ڪرڪ انفو جي رپورٽ موجب، 14 ڊسمبر کان 25 جنوري تائين شيڊيول بگ بيش ليگ ۾ انگلينڊ کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ پرڏيهي ڪرڪيٽر پاڪستاني آهن.
پاڪستان ۾ مان اڳوڻو ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابراعظم، شاهين شاهه آفريدي، محمد رضوان، شاداب خان، حارث رئوف ۽ حسن علي بي بي ايل جي مختلف ٽيمن سان معاهدا ڪيا آهن.
بي بي ايل ليگ جي مشهوري مهم ۾ به پاڪستاني ستارن جي ڊمانڊ وڌي وئي آهي، ڇو ته آسٽريليا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي وڏي انگ ۾ رهي ٿي.
رپورٽ موجب، ويجهي ماضيءَ پاڪستان ۾ بي بي ايل جي مقبوليت ۾ ڪجهه گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي هئي، پر هن سال پاڪستاني ڪرڪيٽرن جي وڏي انگ ۾ شموليت سبب ٽورنامينٽ شوقينن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائي ورتو آهي.
You might also like