”ڌُرنڌَر “ حقيقي لياري ۾ شوٽ ٿئي ها ته ڪيئن هجي ها؟ تصويرون وائرل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) هلندڙ مهيني جي رليز ٿيل بالي ووڊ فلم ”ڌُرنڌَر“ لياري گينگ وار کي موضوع بڻائڻ سبب ڪيئي تڪرارن جي ور چڙهي وئي آهي، پر ان باوجود پاڪستان مخالف پروپيگينڊا تي آڌاريل فلم هڪ هفتي اندر 207 ڪروڙ ڀارتي رپين جو ڪاروبار ڪري ورتو آهي.
فلم ۾ رنوير سنگهه مک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ٻي ڪاسٽ ۾ سنجي دت، اڪشي کنا، ارجن رامپال جهڙا اداڪار شامل آهن.
ڪراچيءَ جي تاريخي علائقي لياري کي ”ڌُرنڌَر“ ۾ ناڪاري ۽ غير حقيقي لينز ۾ ڏيکارڻ سبب جتي فلمي شوقين تنقيد ڪئي، اتي سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ تيزيءَ سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ هٿرادو ڏاهپ (آرٽيفيشل انٽيليجنس) جو سهارو وٺندي ڪجهه تصويرون تخليق ڪيون ويون آهن.
وائرل تصويرن ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته جيڪڏهن ”ڌُرنڌَر“ حقيقي ڪراچي واري لياريءَ ۾ شوٽ ٿئي ها ته منظر ڪيئن هجن ها.
اي آءِ ذريعي تيار ڪيل هڪ تصوير ۾ اڪشي کنا کي هڪ “تڪه بوٽي“ واري جي ريڙهي آڏو تڪو ۽ نان کائيندي ڏيکاريو ويو آهي.
هڪ ٻي تصوير ۾ رنوير سنگهه ڪنهن گهٽيءَ ۾ فٽبال کيڏندي ڏسي سگهجي ٿو جڏهن ته لياري جا ٻار هن جي پٺيان ڊوڙندي نظر اچي رهيا آهن.
هڪ تصوير ۾ رنوير سنگهه، اڪشي کنا ۽ سنجي دت لياري جي مشهور ”چيل چوڪ“ وٽ بيٺا آهن، سوشل ميڊيا واهپيدارن طرفان تصويرن تي مختلف قسم جا تبصرا ڪيا پيا وڃن.
ڪجهه پوليس اهلڪارن تي اعتراض ڪندي چيو ته سندن ورديون اسلام آباد پوليس جون آهن جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن چيو ته چيل چوڪ غلط جاءِ تي ڏيکاريو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.