ڪراچي (ويب ڊيسڪ)سينيئر اداڪارا صبا فيصل جي بيان ته نئين ڪنوار کي پنهنجي پسند جا ڪپڙا سبرائڻ جي اجازت ڏيڻ مناسب ناهي، سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇيڙي ڇڏيو.
ويجهڙ ۾ صبا فيصل هڪ خانگي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو.
اداڪارا چيو ته هوءَ ان ڳالهه سان اتفاق نٿي ڪري ته سسون ننهن کي شادي جا ڪپڙا مڪمل طور پنهنجي مرضيءَ سان خريد ڪرڻ جي اجازت ڏينديون آهن.
هن چيو ته اڄڪلهه جي ڇوڪرين جون مائرن جي سڀ کان وڏو غلطي اها آهي ته هو ڇوڪري کي پنهنجي پسند جا ڪپڙا سبرائڻ جي اجازت ڏين ٿيون.
صبا فيصل جو چوڻ هو ته اهڙي نموني شروع کان ئي ڇوڪري کي پنهنجي پسند واري شيءِ تي اختيار ملي ويندو آهي، اهو سٺو آهي ته ڇوڪري پنهنجي پسند جا ڪپڙا سبرائي ۽ پائي، پر جيڪڏهن کيس پهرين ڏينهن کان ئي اهو اختيار هوندو ته هوءَ پنهنجي مرضي جا ڪپڙا ئي پائيندي ۽ سس ۽ نڻان جي پسند کي اهميت نه ڏيندي.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته اسان جي زماني ۾ نئين ڪنوار اهي ئي ڪپڙا پائيندي هئي، جيڪي ساهرن طرفان ڏنا ويندا هئا ۽ مان پاڻ ائين ڪيو هو.
صبا فيصل جي ان بيان تي سوشل ميڊيا تي مختلف قسم جا تبصرا ڪيا پيا وڃن.