اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي ملازمتن ۾ عورتن جي انگ بابت تفصيل سامهون اچي ويا.
سرڪاري دستاويز موجب وفاقي وزارتن، ڊويزنز، لاڳاپيل کاتن، ذيلي آفيسن ۽ آئيني ادارن ۾ ملازمت ڪندڙ عورتن جو انگ 31455 آهي.
رپورٽ موجب 38 وزارتن ۽ ڊويزنز ۾ مجموعي طور تي 581581 ملازم ڪم ڪن ٿا، جنهن ۾ مردن جو انگ 550126 ۽ عورتن جو انگ رڳو 31455 آهي، اهڙي ريت عورتن جي شرح 5.83 سيڪڙو آهي.
تازي ترين ڊيٽا حاصل ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سڀني وزارتن ۽ ڊويزنز کي هڪ نئون خط لکيو آهي، جنهن ۾ عورتن لاءِ رکيل 10 سيڪڙو ڪوٽا تي عملدرآمد جي رپورٽ طلب ڪئي وئي آهي.
You might also like