فحاشي ڦهلائڻ جو الزام، عائشه عمر جي ” لازوال عشق“ کي يوٽيوب تان هٽايو ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پنهنجي لاءِ جيون ساٿي چونڊڻ جو موقعو ڏيندڙ ريئلٽي شو ”لازوال عشق“ يوٽيوب تان هٽايو ويو آهي.
ان شو جو فارميٽ شروع کان ئي تڪراري رهيو ۽ يوٽيوب تي نشر ٿيڻ کانپوءِ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي شو تي ڇتي تنقيد ٿيندي رهي.
شو جي ميزباني اداڪارا عائشه عمر ڪري رهي هئي، جڏهن ته پروگرام کي اسلامي قدرن ۽ پاڪستاني ثقافت جي ابتڙ قرار ڏنو ويو.
سوشل ميڊيا واهپيدارن شو کي يوٽيوب تان هٽائڻ لاءِ باظابطا مهم پڻ هلائي ۽ هاڻي پاڪستان ۾ پروگرام کي يوٽيوب تان هٽايو ويو آهي.
شو انتظاميا پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي لکيو ته ”ڪجهه سياسي سببن جي ڪري اسان جو پروگرام پاڪستان ۾ نه ڏيکاريو ويندو.“
ياد رهي ته”لازوال عشق“ ۾ پاڪستان سان واسطو رکندڙ اٺ نوجوان جوڙا شامل آهن، جيڪي استنبول جي هڪ بنگلي ۾ زندگي جو ساٿي چونڊڻ لاءِ ترسيل آهن.
هي پروگرام بين الاقوامي ريئلٽي ڊيٽنگ شو “لو آءِ لينڊ“ جي طرز تي ٺاهيو ويو آهي ۽ ترڪي جي ريئلٽي شو ”آشڪ آداسي“ مان متاثر لڳي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.