نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر بينگلور ۾ هڪ واپاري پنهنجي قيمتي پالتو طوطي کي بچائڻ جي ڪوشش ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
پوليس موجب اهو واقعو بينگلور جي علائقي گيري نگر ۾ پيش آيو، طوطي جي مالڪ جي سڃاڻپ 32 ورهين جي ارون ڪمار طور ٿي آهي.
پوليس ٻڌايو ته ارون ڪمار جو پالتو طوطو، جنهن جي ماليت تقريبن اڍائي لک ڀارتي رپيا ٻڌائي پئي وڃي، جمعي جي صبح گهران اڏي ڀرسان موجود بجلي جي ٿنڀي تي ويهي رهيو.
طوطي کي واپس آڻڻ لاءِ ارون ڪمار هٿ ۾ لوهه جو پائپ کڻي ڪمپائونڊ جي ڀت تي چڙهي ويو، ان دوران پائپ غلطي سان هاءِ وولٽيج بجلي جي تار سان ٽڪرائجي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ ارون کي ڪرنٽ لڳو ۽ هو ڀت سان هيٺ ڪِري پيو.
ارون ڪمار کي فوري طور ويجهي اسپتال نيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي.
You might also like