ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ۾ ڪرپشن الزامن هيٺ چئن ڪرڪيٽرز ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، ڪرڪيٽرن تي ڪرپشن جا الزام ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ دوران سامهون آيا، آسام ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن 4 ڪرڪيٽرز کي ميبنا طور ڪرپشن ۾ ملوث هئڻ سبب معطل ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب، سيد مشتاق علي ٽرافي دوران مبينا ڪرپشن ۾ ملوث هئڻ سبب ڪرڪيٽرن کي معطل ڪيو ويو.
آسام ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن پريس رليز ذريعي رانديگرن جي معطلي جو اعلان ڪيو.
معطل ٿيندڙ علائقائي ڪرڪيٽرن ۾ اميت سنها، ايشان احمد، امن ترپاٺي ۽ اڀيشيڪ ٺاڪري شامل آهن.
آسام ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته معطل ڪرڪيٽرن آسام ٽيم جي موجودا رانديگرن کي ورغلايو ۽ اثرانداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
واضح رهي ته سيد مشتاق علي ٽرافي جا مقابلا 26 نومبر کان 8 ڊسمبر تائين جاري رهيا، گوهاٽي ڪرائم برانچ ۾ معطل ڪرڪيٽرن خلاف ايف آءِ آر پڻ داخل ڪئي وئي آهي.
ميڊيا موجب، معطل ڪرڪيٽرن کي ڪنهن به سطح تي راندين ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه هوندي، چارئي ڪرڪيٽر جاچ جي نتيجي تائين معطل رهندا.
You might also like