نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) پرڏيهي ڪرڪيٽر انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) بدران پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) کي ترجيح ڏيڻ لڳا.
ڀارتي ميڊيا کي ڏنل انٽرويوءَ ۾ انگلش ڪرڪيٽر ڊيوڊ ولي آءِ پي ايل جي ڀيٽ ۾ پي ايس ايل جي سيڪيورٽي کي بهتر قرار ڏنو.
ڊيوڊ ولي چيو ته آءِ پي ايل جي نيلامي ڪيئن هوندي، اهو واضح ناهي هوندو، جڏهن ته پي ايس ايل ۾ رانديگرن لاءِ وڌيڪ سيڪيورٽي ۽ کيڏڻ جي خاطري هوندي آهي.
هن چيو ته هر رانديگر جي پنهنجي صورتحال هوندي آهي، ڪجهه رانديگر سمجهن ٿا، آءِ پي ايل دوران ڊريسنگ روم ۾ 10 يا 11 هفتا بئنچ تي ويهڻ بدران پي ايس ايل ۾ وڌيڪ کيڏڻ جا موقعا ملندا.
واضح رهي ته پاڪستان سپر ليگ جي وڌندڙ مقبوليت سبب اڳوڻو ڏکڻ آفريڪي ڪپتان فاف ڊوپليسي ۽ انگلش آل رائونڊر معين علي اڳ ئي آءِ پي ايل ڇڏي پي ايس ايل کيڏڻ جو اعلان ڪري چڪا آهن.
ٻئي پاسي آسٽريلوي آل رائونڊر گلين ميڪسويل به هن سال آءِ پي ايل نه کيڏڻ جو اعلان ڪري چڪو آهي، جنهن کانپوءِ ميڪسويل جي پي ايس ايل کيڏڻ بابت خبرون گردش ڪري رهيون آهن.
پرڏيهي ڪرڪيٽر آءِ پي ايل بدران پي ايس ايل کي ڇو ترجيح ڏئي رهيا آهن؟ ڊيوڊ ولي ٻڌائي ڇڏيو
You might also like