راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ فرقيوار عنصرن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهيون.
پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير گوجرانوالا ۽ سيالڪوٽ گيريزنز جو دورو ڪيو، جنهن دوران کيس فارميشن جي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيتن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ بابت کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئي.
ان موقعي تي فيلڊ مارشل فيلڊ ٽريننگ ايڪسرسائز ۽ جديد سميوليٽر ٽريننگ سهولت جو جائزو ورتو، جڏهن ته چيف آف ڊفينس فورسز فارميشن جي اعليٰ پيشيوراڻي معيار ۽ گڌيل تياري جي واکاڻ ڪئي.
آءِ ايس پي آر موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير ٽيڪنالاجي سان هم آهنگي جي اهميت تي زور ڏيندي چيو ته جديد جنگي ماحول ۾ ڦرتي، درستگي، اثرائتن حالتن کان آگاهي ۽ وقتائتي فيصلا سازي اڻٽر آهي.
دوري دوران چيف آف ڊفينس فورسز آفيسرن ۽ جوانن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ سندن بلند حوصلن ۽ قومي سلامتي لاءِ مضبوط عزم کي ساراهيو.
چيف آف ڊفينس فورسز جوانن جي سخت گير مشن تي ٻڌل تربيت جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته پاڪ فوج اندروني ۽ ٻاهرين چيلنجز ۽ انتهاپسند نظرين سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي، پاڪ فوج قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ فرقيوار عنصرن سان مقابلي لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي.
قومي استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ فرقيوار عنصرن سان منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهيون: فيلڊ مارشل
You might also like