سنتياگو(ويب ڊيسڪ) ارجنٽينا جي شهر سنتياگو ۾ پرو هاڪي ليگ جي پهرئين مرحلي دوران نيڌرلينڊز پاڪستان کي 3 جي مقابلي ۾ 7 گولن سان شڪست ڏئي ڇڏي.
ميچ دوران پاڪستان جي محمد سفيان خان ٻه گول ۽ رانا وحيد اشرف هڪ گول اسڪور ڪيو، پاڪستاني ٽيم ٽورنامينٽ ۾ پنهنجي چوٿين ميچ 15 ڊسمبر تي ميزبان ارجنٽينا جي خلاف کيڏندي.
واضح رهي ته ان کان اڳ پاڪستان هاڪي ٽيم کي ٻي ميچ ۾ ميزبان ارجنٽينا هٿان 3 جي مقابلي ۾ 2 گولن سان شڪست ملي هئي، جڏهن ته پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي نيڌرلينڊز 5 جي مقابلي ۾ 2 گولن هارايو هو.
Prev Post
You might also like