شادي تي نوٽن، موبائل فونز ۽ قيمتي وڳن جي برسات

پنجاب جي شهر هارون آباد ۾ شادي جي موقعي تي نوٽن، موبائل فونز ۽ قيمتي وڳن جي برسات ڪئي هئي، جنهن جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي.
هارون آباد ۾ ٿيندڙ شادي تقريب ۾ مهمانن نوٽ جي گهور سان گڏ موبائل فونون ۽ سوٽ به لٽايا، شادي تقريب جون وڊيوز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
سوشل ميڊيا واهپيدارن ان تي دلچسپ تبصرا ڪيا، ڪنهن چيو ته اسان اڳ ۾ اهڙي شادي ناهي ڏٺي، ڪنهن تقريب کي يادگار چيو ته ڪنهن وري ان کي فضول خرچي قرار ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.