پاڪستان مخالف مواد، نار ملڪن جي ”ڌُرنڌَر“ تي پابندي

دبئي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان مخالف مواد ڏيکارڻ سبب بالي ووڊ فلم ”ڌُرنڌَر“ تي 6 نار ملڪن ۾ نمائش تي پابندي لڳائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، سعودي عرب، گڏيل عرب امارتن، قطر، ڪويت، بحرين ۽ عمان ۾ ڀارتي فلم تي پابندي لڳائي وئي آهي.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته نار ملڪن فلم ۾ پاڪستان خلاف تعصب تي ٻڌل مواد پيش ڪرڻ تي اعتراض ڪيو ۽ پنهنجي ملڪن ۾ ان جي نمائش روڪي ڇڏي.
فلم جي نار ملڪن ۾ رليز لاءِ درخواست ڪئي وئي هئي، جيڪا رد ڪئي وئي ۽ فلم کي ڪنهن به ملڪ ۾ رليز ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته اهو پهريون ڀيرو ناهي جڏهن ڪنهن ڀارتي فلم کي وچ اوڀر ۾ اهڙي قسم جي پابندين جو منهن ڏسڻو پيو ، اڳ ۾ به ڪيترن ئي پاڪستاني مخالف بيانن تي ٻڌل بالي ووڊ فلمن تي نار ملڪن ۾ پابندي لڳي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.