شڪارپور (ويب ڊيسڪ) شڪارپور ۾ پي ايس 9 تي ننڍي چونڊ لاءِ ووٽنگ سڀاڻي ٿيندي، جنهن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون.
پي ايس 9 تي ننڍي چونڊ لاءِ 178 پولنگ اسٽيشنون قائم ڪيون ويون آهن، جن مان 70 کي حساس قرار ڏنو ويو آهي.
پي ايس 9 تي 2 لک 77 هزار 792 ووٽ پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا، ان سيٽ لاءِ پ پ جو آغا شهباز دراني ۽ جي يو آءِ (ف) جو رشد الله اهم اميدوار آهن.
واضح رهي ته پي ايس 9 جي سيٽ آغا سراج دراني جي لاڏاڻي سبب خالي ٿي هئي.
You might also like