نادرا طرفان ڄم، موت، شادي ۽ طلاق جي آن لائين رجسٽريشن لاءِ ايپ متعارف

لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي مڪاني کاتي طرفان نادرا جي ڀائيواري سان ڪسٽمر رليشن شپ مئنيجمينٽ ايپ لانچ ڪري ڇڏي.
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ذيشان رفيق اي رجسٽريشن ايپ جو باظابطا افتتاح ڪيو ۽ ان موقعي تي ٻڌايو ته ايپ ذريعي ڄم موت، شادي ۽ طلاق جي آن لائين رجسٽريشن ممڪن هوندي.
هن چيو ته شهرين کي گهر ويٺي اي رجسٽريشن جي سهولت حاصل ٿيندي، نادرا ڊيٽا سسٽم سان لنڪ ٿيڻ سان پاڻمرادو رجسٽريشن ٿي ويندي.
صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته مڪاني ادارن واري کاتي ۽ نادرا وچ ۾ اي رجسٽريشن معاهدو طئي ٿي چڪو آهي، شادي، موت، ڄم ۽ طلاق جي رجسٽريشن سان درست ڊيٽا گڏ ٿيندي ۽ هي سسٽم پنجاب جي سمورين يونين ڪائونسل سطح تائين لاڳو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.