فيض آباد ڌرڻي وقت فيض حميد جو نالو منظرعام تي آيو

راولپنڊي: فيض‌آباد ڌرڻي وقت پهريون ڀيرو فيض حميد جو نالو سامهون آيو جڏهن سندس حوالي سان حڪومت ۽ پابندي مڙهيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي وچ ۾ معاهدي ڪرائڻ جي ڳالهه سامهون آئي. .2018ع وارين چونڊن کانپوءِ پي ٽي آءِ حڪومت 2019ع ۾ فيض حميد کي آءِ ايس آءِ سربراهه مقرر ڪيو ۽ هو ٻن سالن کان وڌيڪ عرصي تائين انهي عهدن تي رهيو. ان کانپوءِ ٽي ايل پي سان معاهدي واري معاملي تي سپريم ڪورٽ فيصلي ۾ اهڙن آفيسرن خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم ڏنو، فيض حميد مٿان سياسي معاملن ۾ مداخلت ۽ حلف جي پاسداري نه ڪرڻ جو الزام لڳايو ويو، ان ئي دور ۾ سياسي انتقام، گرفتاريون ۽ وفادارين جي تبديلي جا الزامن پڻ سامهون آيا. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف به تقريرن ۾ فيض حميد تي سنگين قسم جا الزام لڳايا، ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي دور ۾ سياسي مداخلت جا الزامن به سامهون آيا. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج شوڪت عزيز صديقي به فيض حميد تي مداخلت جا الزام لڳايا هئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.