اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ تڪراري ٽوئيٽ ڪيس ۾ وڪيل ايمان مزاري جي ٽرائل کي روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. جسٽس هاشم ڪاڪڙ جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس اشتياق ابراهيم به شامل هئا. عدالت حڪم ڏنو ته ٽرائل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تائين نه هلڻ گهرجي. اهو فيصلو ٻنهي ڌرين جي گڏيل رضامندي سان جاري ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جسٽس هاشم ڪاڪڙ يمارڪس ڏنا ته شفاف ٽرائل کانسواءِ ڪنهن کي به سزا نه ٿي ڏئي سگهجي، جج کي دٻاءُ کان آزاد هجڻ گهرجي ۽ ٻنهي ڌرين کي پورو موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نه ته جج ۽ نه ئي هاءِ ڪورٽ جي بي توقيري ٿيڻ گهرجي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناروي جو سفير به عدالت جي ڪمري ۾ موجود هو. ياد رهي ته ايمان مزاري ٽرائل ڪورٽ جي جج تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي ڪيس کي ٻي عدالت منتقل ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي.