راولپنڊي (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي چيو آهي ته فيض حميد هڪ اداري جو ملازم هو، جيڪڏهن ڪنهن معاملي تي فيض حميد کي سزا ٿي آهي ته اهو ان جو اندروني معاملو آهي. اڊيالا جيل ۾ عمران خان سان ملاقات لاءِ آيل سهيل آفريدي چيو ته پي ٽي آءِ باني پاڪستان ۽ ادارن جي مضبوطي جي ڳالهه ڪندو آهي، هڪ وڏي وزير کي عدالتي حڪمن باوجود ملڻ نه پيو ڏنو وڃي، پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن سان جيڪو ٿيو اهو مريم نواز جي حڪم تي ڪيو ويو. هن چيو ته عمران خان ۽ سندس گهرواري کي ناحق قيد ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن اسان جي حڪومت ايندي ته انهن سان حساب ڪتاب ڪنداسين، اهي تصديق ٿيل چور آهن، ساڍن ٽن سالن کان مائنس پي ٽي آءِ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، حڪومت جي ڪارڪردگي اها آهي ته نوجوان پاڪستان مان ڀڄي رهيا آهن.