سنڌ ۾ پهريون ڀيرو ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز طرفان سڀاڻي 13 ڊسمبر تي ڄامشوري ۾ هڪ ڏينهن جو ”پاڻي ميلو 2025“ ٿي رهيو آهي جيڪو عمل نه رڳو وقتائتو آهي پر سنڌي قوم جي سنڌو درياهه سان جذباتي وابستگي ۽ پاڻيءَ منجهه پساهه واري حقيقت جي به ترجماني ڪري ٿو جنهن ڪري عوامي آواز جو ميڊيا گروپ ان پاڻي ميلي جي دل جي گهراين سان آجيان ڪري ٿو ۽ ميلي جي آرگنائيزر ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ ۽ غلام سرور پنهور، نرنجن راجاڻي، ڊاڪٽر ڀائي خان شر ۽ ڊاڪٽر ضياءَ الدين ابڙو کي مبارڪ پڻ پيش ڪري ٿو.
ان انسٽيٽيوٽ جي پاڻي ميلي بابت هڪ رپورٽ عوامي آواز ۾ پڻ شايع ٿي آهي جنهن ۾ لکيو ويو هو ته جيتوڻيڪ تاريخي طرح اسان جو ڳاڻيٽو سُڪر يعني ججهي انداز ۾ پاڻي موجود هجڻ وارين تهذيبن ۾ رهيو آهي پر هاڻي اسان ڪجهه قدرتي توڙي هٿرادو پيدا ڪيل سببن ڪري پاڻي جي کوٽ واري حالت طرف وڌي رهيا آهيون. اسان جي حالت اڄ ” پاڻيءَ مٿي جهوپڙا مورک اڃ مرن“ واري ٿي وئي آهي سو هن ميلي منعقد ڪرڻ ۾ اسان جو مقصد پنهنجي حڪمرانن ۽ پنهنجو پاڻ کي ياد ڏيارڻ آهي ته جيڪڏهن اسان پنهنجي پاڻي جي ذخيرن جو قدر نه ڪيو ته اسان جا ايندڙ نسل پاڻي جي شديد بحران جو شڪار ٿيندا. ان حالت کي نظر ۾ رکي پاڻي ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙن جو ڌيان ڪجهه ضروري ۽ اهم نقطن ڏانهن ڇڪائڻ جي ڪوشش آهي جهڙوڪ پاڻي جي اهميت، ان جي جائز ناجائز استعمال بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ، بحث مباحثو ڪرڻ ۽ ان ۾ عوام کي شامل ڪرڻ، پاڻي جي معقول استعمال جي طريقن ۽ ذريعن بابت بحث مباحثو ڪرڻ ۽ رايا جوڙڻ، پاڻي جي مڙني وسيلن يعني درياهه، ڍندن، مينهن، جر توڙي سمونڊ لاءِ احترام پيدا ڪرڻ ۽ شان وڌائڻ، پاڻي جي موجوده ذريعن کي هميشه لاءِ قائم دائم رکڻ لاءِ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ ته جيئن اسان انهن لاڳاپيل ڳنڀير مسئلن کي حل ڪري پنهنجي ايندڙ نسلن تائين بهتر شڪل ۾ پهچائي سگهون ٻيو ته پاڻ جي مڙني ذريعن ۽ استعمال بابت علم ۽ تحقيق کي هٿي وٺرائڻ. آرگنائيزر جو چوڻ آهي ته اسين سمجهون ٿا ته پاڻي جي سڀني پهلوئن سان هڪ ڏينهن ۾ انصاف ڪرڻ ممڪن ڪونهي پر مستقبل ۾ اسان جي جياپي جي ان اهم حصي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ضرور آهي. ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ جي وچور موجب ان هڪ ڏينهن جي ميلي ۾ جن چئن اهم اسمن تي غور ڪيو ويندو تن ۾ زراعت لاءِ پاڻي ۽ لاڳاپيل مسئلا، شهري ۽ ميونسپل استعمال لاءِ پاڻي، پاڻي جي آلودگي ۽ ممڪنه حل ۽ سنڌو درياهه جو ڇوڙ يعني ڊيلٽا.
انهن مٿي ڄاڻايل اهم موضوعن، مسئلن توڙي جاڳرتا بابت پاڻي ميلي ۾ مختلف سيشن ٿيندا جن ۾ پاڻي جا ماهر ۽ عوام حصو وٺندو. پاڻ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪندا ۽ سوال جواب ٿيندا. ان ميلي ۾پاڻي بابت خاص ناٽڪل پڻ پيش ڪيو ويندو. سنڌ ۾ ٿيندڙ هي پهريون پاڻي ميلو ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽيڊيز ڄامشورو ۾ ٿيندو.
اصل ۾ ڪي ماڻهو، ڪي ادارا ۽ ملڪ اهڙا ٿيندا آهن جيڪي گهڻو اڳتي جي گهٽ ۾ گهٽ اڌ صدي يعني پنجاهه سال جو سوچيندا آهن ته اڳتي هلي ماڻهو، هيءَ دنيا ۽ زندگي جا شعبا ڪٿي پهچندا ۽ اهو سڀ سوچڻ کان پوءِ ايندڙ پنجاهه سالن جي اڳواٽ تياري ڪندا آهن. سنڌ ۾ ”پاڻي ميلو“ به اهڙي قسم جي عظيم سوچ جو مظهر آهي. ان پاڻي ميلي جي آئيڊيا بابت ميلي جي هڪ آرگنائيزر ۽ دانشور نرنجن راجاڻي جو چوڻ آهي ته هي اها هام نٿو هڻي ته ڪو پاڻي ميلي جي هيءَ آئيڊيا نج سندن آهي پر اصل ۾ پاڻي ميلي جي اها روايت اسٽاڪ هوم جي آهي ۽ ان مان متاثر ٿي پاڻ کي به اهڙو خيال آيو ته ڇو نه اهڙو پاڻي جو ميلو سنڌ ۾ به ڪرائجي جيڪو هاڻي هر قسم جي تياري کان پوءِ سڀاڻي ڇنڇر جي ڏينهن تاريخ 13 ڊسمبر تي ٿي رهيو آهي.
ان پاڻي ميلي کان هڪ ڏينهن اڳ هي ايڊيٽوريل لکڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن حڪمرانن ۽ عام ماڻهن جو ان پاسي ڌيان ڇڪائجي ته اهي هن پاڻي ميلي مان ڀرپور فائدو وٺن ۽ ان ميلي ۾ شريڪ ٿي نه رڳو بيحد قيمتي معلومات ماڻين پر ان معلومات جي روشني ۾ پاڻي جي بهتر نظام بابت ڪا رٿابندي ڪري سگهن. اصولي طور تي پاڻي ميلي جي اهميت ۽ ضرورت کي سڀ کان وڌيڪ حڪمرانن کي سوچڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته سنڌو درياهه کي بهتر ماحول ڏيڻ، ان کي سمنڊ تائين رسائڻ جي انتظام جو ڪم حڪومت کي ڪرڻو آهي. وري ان تي به ڪم ڪرڻو آهي ته درياهه کي صاف ڪيئن رکجي، ان کي گدلاڻ کان ڪيئن بچائجي، عوام کي ڪيئن صاف پيئڻ جو پاڻي مُهيا ڪجي، سنڌو درياهه جي پاڻي جي ورڇ ڪيئن ڪجي، جر کي ڪيئن شفاف بڻائجي پر ان تي حڪومتن بدران هڪ خانگي ادارو ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ سنجيدگي مان نه رڳو سوچي رهيو آهي پر ان جا آرگنائيزر پنهنجي ڌرتي، سنڌو درياهه ۽ عوام سان جذياتي لڳاءُ رکن ٿا، تنهن ڪري ان جو اونو به رکن ٿا.
اسان سمجهون ٿا ته اهو پاڻي ميلو سنڌو نديءَ تي پلجندڙ زندگيءَ جو جشن ئي نه پر درست رخ ۾ جياپي جو وچن به آهي ته روڊ ميپ به آهي جنهن تي هلي اسان پاڻي جي نظام کي سنئين دڳ لائي سگهون ٿا. ميلي جي آرگنائيزر نرنجن راجاڻي هڪ يورپين شاعر جو حوالو ڏنو هو ته ” عشق کان سواءِ اوهان زنده رهي سگهو ٿا پر پاڻيءَ جي بنا نٿا جي سگهو.“ سو پنهنجي جياپي لاءِ هن پاڻي ميلي ۾ يقيني طور تي سڀني کي شريڪ ٿيڻ گهرجي.