پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواه ۾ گذريل سال جي مقابلي ۾ هن سال دهشت گرديءَ جي واقعن ۾ خطرناڪ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. سي ٽي ڊي جي رپورٽ موجب، هن سال جي يارهن مهينن ۾ ڪل 1,588 حملا رپورٽ ٿيا، جيڪي گذريل سال جي 1,058 واقعن کان 50 سيڪڙو وڌيڪ آهن. سال جي پهرين اٺن مهينن ۾ 766 حملا رپورٽ ٿيا، جن ۾ 92 پوليس اهلڪار، 159 شهري ۽ 166 سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا، جڏهن ته 410 شهري زخمي ٿيا. رپورٽ موجب، سيپٽمبر، آڪٽوبر ۽ نومبر دوران صوبي ۾ 822 دهشتگردي جا واقعا پيش آيا. هن سال پوليس تي 510 حملا ٿيا، جيڪي گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 56 سيڪڙو وڌيڪ آهن. انهن حملن ۾ 137 پوليس اهلڪار شهيد ۽ 236 زخمي ٿيا، جڏهن ته فورسز 320 موقعن تي جوابي ڪارروائي ڪئي. ضلعي سطح تي، بنون سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو جتي 160 کان وڌيڪ حملا رڪارڊ ڪيا ويا، جڏهن ته اتر وزيرستان، لڪي مروت ۽ ڊيرا اسماعيل خان پڻ شدت پسندي جو نشانو بڻيا. صوبي ۾ پوليس، سي ٽي ڊي ۽ سيڪيورٽي فورسز پاران ڪيترائي انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ڪيا ويا، جن ۾ شدت پسند مارجي ويا ۽ فورسز کي به جاني نقصان پهتو. هن سال ڪيڊٽ ڪاليج وانا، ايف سي هيڊ ڪوارٽر بنون، پشاور ۽ ڊيرا اسماعيل خان ۾ پوليس اسڪول تي وڏا حملا ڪيا ويا.