تعلقي اسپتال ڏهرڪي جي ايم ايس جي جعلي صحيح سان 65 لک ڪڍرائڻ جو انڪشاف

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ميرپور ماٿيلو  ضلعي ۾ ڪرپشن جو هڪ نئون انڪشاف ٿيو آهي جنهن تحت تعلقي اسپتال ڏهرڪي جي عورت ايم ايس سان فراڊ، سندس جعلي صحيح سان 65 لک ڪڍرائڻ جو انڪشاف، ڊاڪٽر شڪيلا پروين جاچ لاءِ صحت کاتي جي اختيارين کي شڪايتي خط لکي ڇڏيو. عوامي آواز کي اهم ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب، تعلقي اسپتال ڏهرڪي جي اڪائونٽنٽ جونيئر ڪلرڪ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس جي عملدارن جي ملي ڀڳت سان ميڊيڪل سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر شڪيلا جي غيرموجودگي ۾ سندس جعلي صحيحون ڪري هٿرادو بل پاس ڪرائي سرڪاري اڪائونٽ مان 65 لک رپيا ڪڍي ورتا آهن، ذريعن موجب، ايم ايس تعلقه اسپتال ڏهرڪي سيڪريٽري صحت کي لکت ۾ شڪايت ڪندي ٻڌايو آهي ته جون 2025 ۾ سرڪاري خزاني مان جعلي صحيحن ۽ من گهڙت بِلن ذريعي 65 لک رپيا ڪڍيا ويا آهن، جڏهن ته هوءَ اُن وقت حج جي ادائيگي لاءِ سعودي عرب ۾ موجود هئي. ڊاڪٽر شڪيلا خط ۾ لکيو آهي ته هوءَ 12 مارچ 2025 تي ڏهرڪي اسپتال ۾ بطور ايم ايس مقرر ٿي ۽ اسپتال ۾ دوائن جي شديد کوٽ سبب اعليٰ اختيارين کان اضافي فنڊن جي درخواست پڻ ڪئي. ان ئي دوران هن کي حج جي موڪل ملي ۽ هوءَ 3 مئي کان 19 جون 2025 تائين مڪي ۽ مديني ۾ موجود رهي جنهن دوران، 10 جون تي جونيئر ڪلارڪ غلام ياسين ڀٽو هن جون ڪوڙيون صحيحون ڪري اڪائونٽس آفيس ذريعي  65 لک رپيا جاري ڪڍرايا. هن وڌيڪ لکيو آهي ته جڏهن 20 جون تي هوءَ ڊيوٽي تي واپس پهتي ته کيس وڏي فراڊ بابت خبر پئي. ايم ايس مطابق جڏهن هن اڪائونٽس آفيس کان رڪارڊ گهريو ته ذميوار عملي بهانا شروع ڪيا، جڏهن ته اسپتال جي اڪائونٽنٽ به ڪوتعاون نه ڪيو ۽ ڌمڪيون ڏنيون ويون. ڊاڪٽر شڪيلا پروين خط ۾ صحت کاتي ۽ ناڻي کاتي جي اعليٰ اختيارين کان اپيل ڪئي آهي ته جامع جاچ ڪرائي وڃي ته اصل ذميوارن کي قانون جي ڪٽهري ۾ آندو وڃي. هوڏانهن سياسي سماجي ڌرين به ڪرپشن ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.