فلمساز ڪاسٽ ڪرڻ کان به لنوائيندا هئا، زنده رهڻ لاءِ پنهنجو رستو بدلائڻو پيو: پريانڪا چوپڙا

ابوظبي/ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ ۽ هالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا پريانڪا چوپڙا اعتراف ڪيو آهي ته پنهنجي فني سفر جي شروعاتي دور ۾ هن کي سخت ڏکين مرحلن مان گذرڻو پيو، جتي هن کي ”نه “ چوڻ جو اختيار نه هو ۽ کائنس ڪيئي پروجيڪٽ کسجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب، پريانڪا چوپڙا ويجهڙ ابوظهبي ۾ ٿيل برج سمٽ ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پنهنجي شروعاتي جدوجهد، ڏکيائن ۽ انڊسٽري ۾ پيش ايندڙ رنڊڪن بابت تفصيلي ويچار ونڊيا.
پريانڪا چوپڙا چيو ته شروعاتي دور سندس لاڳيتو ڇهه فلمون فلاپ ٿيون، ان وقت فلمسازن جو خيال هو ته جيڪڏهن پريانڪا کي ڪاسٽ ڪيو ويو ته فلم شايد سٺو بزنس نه ڪندي
هن چيو ته ” ائي نه هو ته مون کي موقعا مليا، حقيقت ۾ مون کان موقعا کسيا ويا، مون کي زنده رهڻ لاءِ پنهنجو رستو بدلائڻو پيو.“
اداڪارا چيو ته ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ هن وٽ ڪنهن به فلم کي رد ڪرڻ جو آپشن ئي نه هوندو هو.
سندس چوڻ هو ته ”ڪنهن به فلم ۾ ڪم ڪرڻ عزت سمجهيو ويندو هو، ڪم لاءِ هائو ڪرڻي پوندي هئي. مون سفر ڪيو، محنت ڪئي، مسلسل ڪم ڪرڻ سبب ڪيترين خانداني تقريبن ۾ شرڪت به نه ڪري سگهس.“
پريانڪا چيو ته ”هاڻي مان سوچي سمجهي فلم لاءِ ” ها“ ڪندي آهيان، پنهنجي خاندان، ڊگهي مدي وارن هدفن ۽ زندگيءَ جي توازن کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪريان ٿي.“
پريانڪا چوپڙا موجب، نئون رستو اختيار ڪرڻ سندس خواهش نه هئي، پر اهو انڊسٽري ۾ رهڻ ۽ ڪم جاري رکڻ لاءِ ضروري هو.“
واضح رهي ته سال 2000 ۾ مس ورلڊ جو تاج ماڻيندڙ پريانڪا چوپڙا بالي ووڊ ۾ فلم ”دي هيرو “ ذريعي ڊيبيو ڪيو.
ان کانپوءِ اعتراض، مجھه سي شادي ڪروگي، ڊان، ڊان ٽو، ڪرش، فيشن، باجي رائو مستاني، برفي ۽ ميري ڪوم جهڙيون بلاڪ بسٽر فلمن مُک ڪردار ادا ڪيو.
فلم فيشن۾ بهترين اداڪاري کيس قومي ايوارڊ سان نوازيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.