ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين زال هٿان وڪيل مڙس قتل

اوڪاڙا (ويب ڊيسڪ) اوڪاڙا ۾ ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين زال ڀاءُ سان گڏجي پنهنجي وڪيل مڙس کي ماري ڇڏيو.
پوليس موجب ايڊووڪيٽ اويس اڪرم جي نجما عرف سونيا سان ڪجهه عرصو اڳ شادي ٿي هئي، جڏهن ته اويس اڪرم پنهنجي برادري جي ڇوڪريءَ سان ٻي شادي ڪري ڇڏي.
پوليس اختيارين ٻڌايو ته پهرين گهرواري نجما مڙس سان ڪاوڙجي ڀاءُ جي گهر هلي وئي، اويس اڪرم پنهنجي چاچي جي گهر موجود هو، جتي پهرين گهرواري ۽ سندس ڀاءُ پهچي ويا.
نجما تشدد ڪري اويس کي ماري ڇڏيو، جنهن کانپوءِ پوليس نجما عرف سونيا ۽ سندس ڀاءُ کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.