لاهور (ويب ڊيسڪ) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر عبدالعليم خان هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام بابت ڳالهايو آهي.
لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي عبدالعليم خان چيو ته نوان صوبا ٺهڻ جو فائدو عوام سان گڏ حڪمران سياسي جماعتن کي به ٿيندو، سنڌ ۾ ٽي صوبا ٺهيا ته حڪمران جماعت پنهنجا ٽي وڏا وزير نامزد ڪري سگهي ٿي، سنڌ جي حڪمران جماعت ٽن صوبن ۾ ترقي جو دور شروع ڪري سگهي ٿي، ٽي نوان آءِ جي، چيف سيڪريٽري مقرر ۽ نيون هاءِ ڪورٽون ٺهي سگهن ٿيون.
هن چيو ته اهڙي ريت پنجاب ۾ به حڪمران جماعت ٽي کان چار وڌيڪ صوبا جوڙي سگهي ٿي، ان سان حڪمران جماعت کي وڌيڪ وڏا وزير نامزد ڪرڻ جو موقعو ملندو.
سندس چوڻ هو ته نون صوبن جو قيام انتظامي يونٽس طور هوندو ۽ ان سان ماڻهن جا مسئلا تڪڙي حل ٿيندا، ڪنهن صوبي جو نالو تبديل نه ٿيندو، نون صوبن جا نالا پراڻن نالن سان اتر، ڏکڻ، اولهه ۽ اوڀر گڏائي رکيا ويندا.
You might also like