فيسبڪ واهپيدارن لاءِ خوشخبري، ميٽا وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

جيڪڏهن توهان ٻين سوشل ميڊيا ايپس جي ڀيٽ ۾ فيسبڪ وڌيڪ استعمال ڪريو ٿا ته توهان لاءِ سٺي خبر اها آهي ته ميٽا فيس بڪ ۾ اهم نيون اپڊيٽس متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
نين اپڊيٽس جو مقصد فيس بڪ فيڊ کي وڌيڪ بهتر ۽ استعمال دوران دلچسپ مواد کي ڳولڻ، ٺاهڻ ۽ شيئر ڪرڻ وارو عمل آسان بڻائڻ آهي.
نيون تبديليون خاص طور تي ايپ کي سادو، تيز ۽ يوزر فرينڊلي بڻائڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن.
ميٽا موجب، فيسبڪ ۾ ضرورت کان وڌيڪ فيچرز جي موجودگي واهپيدارن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن مونجهاري جو سبب بڻجي ٿي، تنهنڪري پهريون ڌيان فيڊ کي سادو بڻائڻ ڏنو ويو آهي.
هاڻي جيڪڏهن واهپيدار هڪ کان وڌيڪ فوٽوز پوسٽ ڪندا ته في بڪ پاڻمرادو هڪ معياري گِرڊ ٺاهيندو.
فيڊ ۾ ڪنهن به تصوير يا مواد تي ڪلڪ ڪرڻ سان اهو فل اسڪرين ۾ نظر ايندو.
تصوير کي ڊبل-ٽئپ يا ٽئپ ڪري لائيڪ ڪرڻ وارو آپشن به شامل ڪيو ويو آهي.

سرچ نتيجن ۾ به بهتري
فيسبڪ سرچ رزلٽس هاڻي وڌيڪ صاف سُٿري ۽ بهتر گِرڊ لي آئوٽ سان نظر ايندا، جيڪي هر قسم جي مواد کي سپورٽ ڪندا. تصويرن ۽ وڊيوز کي سرچ ذريعي ڳولڻ لاءِ نئين فل اسڪرين ويُوَر جي به آزمائش جاري آهي.

الگورٿم تي ڪنٽرول
هاڻي واهپيدار ڪنهن به پوسٽ يا ريل تي فيڊ بيڪ ڏئي سگهندا، جنهن سان واهپيدارن کي وڻندڙ يا اڻوندڙ مواد وڌيڪ يا گهٽ ڏيکاريو ويندو، هي فيچر ايندڙ هفتن يا مهينن ۾ متعارف ڪيو ويندو.

ايپ جي نيويگيشن ۾ تبديليون
ريلز، فرينڊز، مارڪيٽ پليس ۽ پروفائيل جهڙا تمام گهڻا استعمال ٿيندڙ ٽيبز هاڻي ٽيب بار جي مکيه حصي ۾ رکيا ويندا، جنهن سان انهن تائين پهچ وارو عمل وڌيڪ تيز ۽ سولو بڻجي ويندو.
ميٽا مينيو ڊيزائن کي به جديد ۽ سادو بڻائڻ جو ارادو رکي ٿو.

پروفائيل تي نيون تجويزون
ان کانسواءِ پروفائيل ۾ ڦيرڦار ڪرڻ وقت هاڻي توهان کي گڏيل دلچسپين موجب دوستن جون تجويزون به نظر اينديون.
ميٽا جو چوڻ آهي ته سڀئي تبديليون مرحليوار متعارف ڪرايون وينديون ۽ انهن جو مقصد فيسبڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر سادي، تيز ۽ مزيدار تجربي واري ايپ بڻائڻ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.