برطانيا ۾ 15 ورهين جي ڇوڪريءَ سان لڄالٽ ڪندڙ ٻن افغاني ڇوڪرن کي سزا

لنڊن (ويب ڊيسڪ) برطانيا ۾ رهندڙ ٻن ننڍي عمر جي افغان پناهگيرن کي 15 ورهين جي ڇوڪريءَ کي اغوا ۽ لڄالٽ جي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب واروڪ ڪرائون ڪورٽ طرفان سزا ٻڌائڻ کانپوءِ جوابدارن کي جنسي ڏوهارين طور رجسٽرڊ ڪرڻ جو حڪم به ڏنو ويو.
ان سزا کانپوءِ امڪاني طور 17 ورهين جي جان جهانزيب ۽ اسرار نيازل کي ملڪ بدر ڪري سگهجي ٿو.
عدالت کي ٻڌايو ويو ته ٻنهي ڇوڪرن مئي ۾ هڪ پريشان ڇوڪريءَ تي ليمنگٽن سپا جي علائقي ۾ حملو ڪيو.
ٻڌڻي دوران جج ڊي برٽوڊينو چيو ته جوابدارن ڇوڪريءَ جي عزت کي لٽيو، جيڪا ڪنهن صورت بحال نٿي ٿي سگهي.
هن افغان ڇوڪرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته توهان ان شام جيڪو ڪيو، ان نشانو بڻجندڙ ڇوڪريءَ جي زندگي کي هميشه لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو.
متاثر ڇوڪريءَ طرفان پڙهيل بيان ۾ ٻڌايو ويو هو ته جنهن ڏينهن منهنجي عزت لُٽي وئي، انهن ڏينهن انسان طور منهنجي زندگي تبديل ٿي وئي، مان جڏهن به ٻاهر ويندي آهيان ته پاڻ کي غير محفوظ تصور ڪندي آهيان، مان ماڻهن سان ملڻ جلڻ ڇڏي ڏنو آهي، منهنجي تعليم به متاثر ٿي آهي.
ٻڌڻي دوران ٻنهي افغانين کي ريپ جو ڏوهي قرار ڏنو ويو ۽ جان جهانزيب کي 10 سال 8 مهينا قيد، جڏهن ته اسرار نيازل کي 9 سال ۽ 10 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي وئي، گڏوگڏ جج طرفان ٻنهي کي ملڪ بدر ڪرڻ جي سفارش به ڪئي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.