اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بئريسٽر گوهر علي خان چيو آهي ته اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي چاهين ٿا ته ”هڪ وڏو ادارو“ ۽ ڪجهه سياسي ماڻهو هڪ ٻئي سان وڙهڻ لڳن. بئريسٽر گوهر علي خان منگل ڏينهن عمران خان سان ملاقات لاءِ اڊيالا جيل وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر پوليس انهن کي رستي ۾ ئي روڪي ڇڏيو. پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي موجودگي ۾ بئريسٽر گوهر علي خان ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان هتي عدالت جي حڪم تحت ملاقاتن لاءِ ايندا آهيون، ڇو ته عدالتن عمران خان جي اهل خانہ ۽ وڪيلن کي ملاقاتن جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي، پر هتي اسان کي ملاقات کان روڪيو ويو آهي. بيريسٽر گوهر علي خان چيو ته جيڪڏهن ملاقاتون ٿين ٿيون، ته حالتن ۾ بهترائي آڻي سگهجي ٿي. هي گذارش آهي ته جڏهن عمران خان ۽ بشريٰ بي بي سان ملاقاتون ٿين، ته حالات بهتر ٿي سگهن ٿا.