بلاول جن صوبن جي ڳالهه ڪئي اهي پنجاب ۾ ٺهندا

لاهور (گوهر بٽ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري لاهور جي ڪارڪنن جي مان ۾ سانجهاندو ڏنو، گذريل ڏينهن چيمبر ۾ ويو، صحافين سان ملاقاتون به ڪيون. بلاول ڀٽو زرداري کان صوبن جي حوالي سان سوال ٿيو ته ڇا نوان صوبا ٺاهڻ گهرجن. ان تي هن چيو ته جن صوبن تي اڳواٽ قومي اسيمبلي ۾ اتفاق راءِ موجود آهي، پهريان اهي صوبا ٺاهڻ گهرجن، پوءِ ٻين ڏانهن اڳتي وڌجي. جن صوبن جي بلاول ڳالهه ڪئي اهي صوبا پنجاب ۾ ٺهڻا آهن، جيڪي سرائيڪي صوبو ملتان ۽ بهاولپور هوندا.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، اربع 10 ڊسمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.