جج جو بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبي ۾ دير بابت درخواست ٻڌڻ کان انڪار

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ ۾ بي آر ٽي ريڊ لائن منصوبي ۾ دير بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران جسٽس عدنان اقبال چوڌري ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جسٽس عدنان چوڌري اڳ ئي هدايت ڪري چڪو آهي ته بئريسٽر صلاح الدين جا ڪيس سندس آڏو پيش نه ڪيا وڃن. بئريسٽر صلاح الدين هن ڪيس ۾ ايشيائي ترقياتي بينڪ جو وڪيل آهي. وڪيل عمر ميمڻ موجب، منصوبو 2017 ۾ شروعٿيو ۽ 2023 ۾ مڪمل ٿيڻو هو، پر بار بار دير سبب لاڳت 79 ارب کان وڌي 103 ارب ٿي وئي. نئين تاريخ 2026 مقرر ڪئي وئي آهي. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ۽ ايشين ڊولپمينٽ بينڪ بدانتظامي، نامڪمل تعمير ۽ حادثن جا ذميوار آهن، جڏهن ته چيف سيڪريٽري سنڌ، ڪراچي جي ميئر ۽ ٻين ادارن کي به ڌر بڻايو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.