اسلام آباد (بيورو) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جسٽس طارق محمود جهانگيري خلاف جعلي ڊگري ڪيس کي ٻڌڻي جوڳو قرار ڏنو ۽ وفاق کي قانون واري وزارت ذريعي ۽ صدر کي پرنسپل سيڪريٽري ذريعي نوٽيس جاري ڪيا، جڊيشل ڪميشن سيڪريٽري ۽ ججن جي مقرري بابت پارلياماني ڪميٽي ۽ ايڇ اي سي ۽ ڪراچي يونيورسٽي کي به نوٽيس جاري ڪيو ويو. عدالت ٽن ڏينهن اندر جواب طلب ڪيو. ٻڌڻي چيف جسٽس سردار سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس اعظم خان ڪئي. ايڇ اي سي ۽ ڪراچي يونيورسٽي طرفان لکت ۾ جواب داخل ڪيا ويا. درخواست گذار ميان دائود ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته وڪيل هجڻ هڪ جج لاءِ آئيني ضرورت آهي ۽ ڪراچي يونيورسٽي ڊگري کي جعلي قرار ڏنو آهي. اسلام آباد بار ۽ ڊسٽرڪٽ بار ڪيس جي ٻڌڻي جي مخالفت ڪندي چيو ته هي معاملو بار ڪائونسل يا سپريم جوڊيشل ڪائونسل جي اختيار ۾ اچي ٿو. جڊيشل اسسٽنٽ بئريسٽر ظفرالله وارنٽ رٽ کي قابلِ قبول قرار ڏيڻ جي حمايت ڪئي، جڏهن ته ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد ڪراچي يونيورسٽي جي رپورٽ پڙهي ٻڌائي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جسٽس جهانگيري هاڻي اسلاميا ڪاليج جو شاگرد نه رهيو آهي.