اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ ساليانو في فرد پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي جو انڪشاف ٿيو ٿيو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ آبي وسيلن واري وزارت پاڻي جي دستيابي ۾ گهٽتائي سان متعلق رپورٽ پيش ڪئي. آبي وسيلن واري وزارت جي رپورٽ موجب 2017 کان 2023 تائين آبادي ۾ 4 ڪروڙ جي واڌ ٿي ۽ في فرد پاڻي جي موجودگي ۾ 154 ڪيوبڪ ميٽر جي گهٽتائي ٿي آهي. آبي وسيلن جي وزارت جو چوڻ آهي ته 2030 تائين پاڪستان جي آبادي 28 ڪروڙ 80 لک تائين پهچڻ جو امڪان آهي ۽ 2030 ۾ ساليانو في فرد پاڻي جي دستيابي 795 ڪيوبڪ ميٽر تائين گهٽجي سگهي ٿي. رپورٽ مطابق، خيبر پختونخوا ۾ ساليانو في فرد پاڻي جي دستيابي 679 ڪيوبڪ ميٽر ٿي وئي آهي، پنجاب ۾ 760 ڪيوبڪ ميٽر ۽ سنڌ ۾ 1169 ڪيوبڪ ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي.آبي وسيلن جي وزارت جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۾ پاڻي جا دستياب وسيلا في فرد 928 ڪيوبڪ ميٽر رهجي ويا آهن.