ايبٽ آباد (م ڊ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ايبٽ آباد ۾ چار ڊسمبر کان گم ٿيل ڊاڪٽر وردا جو لاش جهنگ مان مليو، جاچ ڪندڙ عملدارن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر وردا کي سندس هڪ ننڍپڻ جي سهيلي ۽ ان جي ساٿين مبينا طور قتل ڪيو آهي، پوليس تصديق ڪئي ته ڊاڪٽر وردا جي قتل جي الزام هيٺ ان جي ننڍپڻ واري دوست ۽ ان جي ٻن ساٿين کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ هن ڪيس ۾ 67 تولاسون جو ذڪر پڻ شامل آهي، ايبٽ آباد جي ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر هارون الرشيد موجب ڊاڪٽر وردا ٻه سال اڳ دبئي وڃڻ کان اڳ 67 تولا سون پنهنجي هڪ دوست وٽ امانت رکيو هو ۽ اهو ئي سون قتل جي سبب بڻيو، ڊاڪٽر وردا جي والد موجب تقريبن ٽي مهينا اڳ جڏهن ڊاڪٽر ڌيءَ واپس پاڪستان آئي ۽ سون جي واپسي جو مطالبو ڪيو ته جوابدار عورت ٽال مٽول ڪندي رهي، چار ڊسمبر تي جوابدار عورت ڌيءَ کي پنهنجي گڏيل ٺهندڙ گهر ڏانهن وٺي وئي ۽ جڏهن ڪجهه وقت ڌيءَ وردا سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪو رابطو نه ٿيو، جوابدار عورت ٻڌايو ته ڊاڪٽرياڻي کي سون واپس ڪري ڇڏيو آهي، پر اها ڳالهه پوليس کي مطمئن نه ڪري سگهي، پوليس کي سي سي ٽي وي ڪئمرائن مان خبر پئي ته ڊاڪٽر وردا پنهنجي مرضي سان جوابدار عورت سان گڏ وئي هئي، جوابدارن 10 کان 15 منٽن ۾ ڊاڪٽرياڻي کي قتل ڪري، هڪ گاڏي ۾ وٺي دفن ڪرڻ لاءِ ويا، پوليس موجب مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا ويا، 35 کان وڌيڪ شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪري ڏوهه ۾ استعمال ٿيندڙ گاڏيون، سون ۽ چيڪ قبضي ۾ ورتا ويا، ڊاڪٽر وردا جي قتل ۾ هڪ چاچو ڀائيٽو به ملوث نڪتا، جن کي پئسن جي لالچ ڏئي ڊاڪٽر وردا کي قتل ڪرايوويو، ٻئي پاسي ڊاڪٽر وردا جي دل ڏاريندڙ قتل خلاف ايبٽ آباد ۾ سوين عورتن ۽ مردن طرفان ڌرڻو هنيو ويو، اڳواڻن جو چوڻ هو ته امانت ۾ خيانت ڪئي وئي، ڊاڪٽرياڻي پنهنجي دوست تي يقين ڪيو ۽ ان يقين ٽوڙي پنهنجي ننڍپڻ جي دوست کي قتل ڪرايو، جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.