ڪراچي (رپورٽر)سٽي ڪورٽ جي چوڌاري وڪيلن جي گاڏين جي اي چالان ڪرڻ واري معاملي ۾ ڪراچي بارپاران ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي وڪيلن جي گاڏين جو اي چالان بند ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو، ڪراچي بار جو چوڻ آهي ته روزانو وڏي انگ ۾ وڪيل سٽي ڪورٽس ڪراچي ۾ پنهنجا فرض ادا ڪرڻ لاءِ ايندا آهن،بدقسمتي سان، سي پي ايل سي پارڪنگ ايريا ۾ پارڪنگ جي سهولت ڪافي محدود آهي، وڪلين ۽ وڪيلن جي گاڏين جي وڏي انگ لاءِ جڳهه ڪافي ناهي، ماڻهو هميشه سٽي ڪورٽس جي چوڌاري ڀريل هوندا آهن، خاص طور تي ايم اي جناح روڊ، ڪراچي بار سان ملندڙ مارڪيٽن ۾ به مناسب پارڪنگ جي انتظامن جي غير موجودگي ۾ وڪيل سٽي ڪورٽ ۽ ايم اي جناح روڊ، ڪراچي بار تي پنهنجون گاڏيون پارڪ ڪرڻ تي مجبور آهن، ان صورتحال ۾ وڪيلن جي گاڏين جو اي چالان نه ڪيو وڃي.
-
سنڌ ۾ ڊينگي جا وڌيڪ 120 ڪيس،27 ڄڻا اسپتال داخل
ڪراچي(رپورٽر)صحت کاتي سنڌ جي ڊائريڪٽر جنرل پوري صوبي ۾ ڊينگي جي موجوده صورتحال بابت روزاني رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، رپورٽ مطابق سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊينگي جا 17 نوان مريض داخل ٿيا آهن، جڏهن ته خانگي اسپتالن مان ڊينگي جا وڌيڪ 21 مريض رپورٽ ٿيا آهن۔ هن وقت سڄي صوبي ۾ داخل ڊينگي مريضن جو مجموعي انگ 27 تي پهچي ويو آهيرپورٽ ۾ اهو به ٻڌايو ويو آهي ته سنڌ ۾ ڊينگي سبب ڪا به جاني نقصان واري واقعي جي رپورٽ ناهي ٿي۔ سرڪاري ۽ خانگي ليبارٽرين ۾ 1667 ماڻهن جا ڊينگي ٽيسٽ ڪيا ويا، جن مان 120 ماڻهن جا ٽيسٽ هاڪاري آيا۔ سڀ کان وڌيڪ 84 هاڪاري ڪيس ڪراچي جي ليبارٽرين مان سامهون آيا، جڏهن ته حيدرآباد جي ليبارٽرين مان 26 ڪيس هاڪاري رپورٽ ٿيا آهن۔