توهان به فاسٽ چارجنگ جي چڪر ۾ هي غلطيون ته نه پيا ڪيو؟

سمارٽ فون واهپيدارهميشه چاهيندا آهن ته سندن فون تيزي سان چارج ٿئي، انڪري هر سال نوَن فونن ۾ فاسٽ چارجنگ ٽيڪنالاجي کي وڌيڪ بهتر بڻائي متعارف ڪرايو ويندو آهي.
ماضيءَ ۾ 30 واٽ چارجنگ اسپيڊ تيزي سمجهي ويندي هئي پر هاڻي اها عام چارجنگ اسپيڊ بڻجي چڪي آهي ۽ 100 واٽ کان وڌيڪ پاور فراهم ڪندڙ چارجر پڻ موجود آهن.
پر جيئن جيئن فون ڪمپنيون فاسٽ چارجنگ تي نوان تجربا ڪري رهيون آهن، ماڻهن ۾ تيزي سان چارج ٿيڻ سبب بيٽري کي نقصان پهچڻ جا خدشا به وڌي رهيا آهن.
ته ڇا واقعي فاسٽ چارجنگ سان فون جي بيٽري جي زندگي گهٽجي سگهي ٿي؟
فون اصل ۾ ڪيئن چارج ٿئي ٿي؟ ليٿيم آئيون بيٽرين ۾ ٻه تهه هوندا آهن، هڪ ليٿيم ڪو بالٽ آڪسائيڊ ۽ ٻي گريفائٽ واري، جڏهن ليٿيم آئيون گريفائٽ واري تهه مان ليٿيم ڪو بالٽ واري تهه ڏانهن منتقل ٿين ٿا ته اليڪٽرونز خارج ٿيندا آهن. جڏهن توهان بيٽري چارج ڪندا آهيو ته آئيون ٻي پاسي حرڪت ڪندا آهن ۽ گڏ ٿيندا آهن، جيڪي پوءِ فون استعمال ڪرڻ دوران خارج ٿيندا آهن.
توانائي خارج ٿيڻ سبب گرمي پد پيدا ٿئي ٿو، جيڪو فون جي پٺيئن پاسي محسوس ٿيندو آهي، خاص طور تي جڏهن فون تيزي سان چارج ڪئي وڃي يا گهڻي استعمال ڪئي وڃي، اِهو سلسلو ڊگهي عرصي تائين جاري رهڻ سبب بيٽري کي نقصان پهچڻ جا امڪان وڌي ويندا آهن، پر ويجهڙائي وارن سالن ۾ بيٽرين کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي ته جيئن اهي وڌيڪ چارج سائيڪلز کي برداشت ڪري سگهن.
سمارٽ فون بيٽرين ۾ فطري طور مهينن يا سالن دوران گهٽتائي ايندي رهي ٿي ۽ ائين هر فون سان ٿيندو آهي. فاسٽ چارجنگ ان عمل کي تيز ڪري سگهي ٿي، ڇو ته ان ذريعي بيٽري تائين وڌيڪ مقدار ۾ بجلي پهچي ٿي.

فون بيٽري کي ڪيئن نقصان پهچي ٿو؟
فاسٽ چارجنگ جي شروعاتي دور ۾ بيٽريون تيزيءَ سان چارج ٿيڻ سبب گهڻيون گرم ٿي وينديون هيون. ان وقت سمارٽ فونز کي بيٽري جي واڌو گرمي پد کي اثرائتي نموني خارج ڪرڻ لاءِ تيار نه ڪيو ويندو هو، جنهن ڪري وڌيڪ گرم ٿيڻ جو خطرو هوندو هو.
پر هاڻي نون فونن ۾ گرمي پد جو خارج بهتر طريقي سان ٿئي ٿو. فونن ۾ هيٽ شيلڊز، ٿرمل ليئرز ۽ ڪولنگ پائپس موجود هوندا آهن، جيڪي بيٽري مان گرمي کي ٻاهر ڪڍن ٿا.
اهڙي ريت فونن ۾ بجلي جي فراهمي کي ڪنٽرول ڪرڻ وارا فيچرز پڻ ڏنا ويا آهن ۽ بيٽري مڪمل ٿيڻ تي فون اضافي ناهي ٿيندو، ڀلي اِها چارجنگ ۾ لڳل هجي.
اڊاپٽو چارجنگ تحت فون 100 سيڪڙو تيز رفتار سان چارج ناهي ٿيندي، شروع ۾ بيٽري کي وڌيڪ طاقت ڏني ويندي آهي، پر هڪ حد کانپوءِ بجليءَ جي فراهمي گهٽجي ويندي آهي.

ڇا فاسٽ چارجنگ فون کي نقصان پهچائي ٿي؟
ڇا فاسٽ چارجنگ فون کي نقصان پهچائي ٿي؟ ان جو جواب آهي ” ها“۽ ”نه“ ٻئي آهن، اصل ۾ نقصان تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن فون ڊگهي وقت تائين وڌيڪ بجلي تي چارج ٿيندو رهي،پر جديد فونن ۾ بيٽري مينيجمينٽ سسٽم ان خطري کي گهڻي حد تائين گهٽائي ڇڏين ٿا.
ان ڪري بهتر آهي ته پاڻ احتياط ڪريو ۽ فاسٽ چارجنگ تي فون کي گهڻي دير تائين نه لڳايو ته جيئن بيٽري جي تنزيلي وارو عمل سست رهي.
ياد رکو ته ليٿيم بيٽريون وقت سان گڏ ڪمزور ٿينديون آهن، پر توهان هن عمل کي سست ڪري سگهو ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.