”چهرو خوبصورت ۽ چُپ مشين گن جهڙا“ ٽرمپ پاران پنهنجي پريس سيڪريٽري جي غير معمولي تعريف

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پينسلوينيا ۾ چونڊ ريلي کي خطاب دوران پنهنجي پريس سيڪريٽري ڪارولين ليوٽ جي خوبصورتي ۽ گفتگو جي انداز جي غير معمولي تعريف ڪئي، جيڪو سوشل ميڊيا تي بحث جو موضوع بڻجي ويو.
79 ورهين جو ٽرمپ پنهنجي انتظاميا جي معاشي ڪاميابين تي ڳالهائيندي اوچتو موضوع تان هٽي ويو ۽ 28 ورهين جي پريس سيڪريٽري جي تعريف شروع ڪري ڇڏيائين.
هن خطاب ڪندي چيو ته اڄ اسان پنهنجي سپر اسٽار ڪارولين ليوٽ کي گڏ آندو آهي، ڇا اها زبردست ناهي؟ جڏهن هوءَ ٽي وي تي ويندي آهي ته حاوي ٿي ويندي آهي، جڏهن هوءَ خوبصورت چهري ۽ انهن چَپن سان گڏ سامهون ايندي آهي، جيڪي بيهندا ناهن هڪ ننڍي مشين گن جيان.
سندس چوڻ هو ته ليوٽ کي پنهنجي پوزيشن ۾ بنا خوف جي ڪم ان ڪري ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته ان جي انتظاميا جون پاليسيون واضح ۽ درست آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.