ڪراچي (ويب ڊيسڪ) عالمي ۽ مقامي مارڪيٽ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر سون جي اگهه ۾ واڌ ٿي آهي، جڏهن ته چاندي جو اگهه تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ 5 ڊالر واڌ سان في تولي سون جي قيمت 4 هزار 212 ڊالر جي سطح تي اچي وئي، جڏهن ته في تولو سون 500 رپيا واڌ کانپوءِ 4 لک 43 هزار 562 ۽ 10 گرام سون 428 رپيا واڌ سان 3 لک 80 هزار 282 رپين جو ٿي ويو آهي.
هوڏانهن في تولو چاندي 85 رپيا مهانگي ٿيڻ کانپوءِ 6 هزار 452 رپين جي سطح سان تاريخ جي نئين بلند ترين سطح تي اچي وئي آهي، جڏهن ته 10 گرام چاندي 73 رپيا مهانگي ٿيڻ کانپوءِ 5 هزار 531 رپين جي بلند ترين سطح تي آهي.
You might also like