پريس ڪانفرنس تي وزيراعظم ۽ مريم نواز خاموش ڇو؟

اسلام آباد (عوامي آواز رپورٽ) تجزئي نگار مبشر لقمان جي ڊجيٽل پروگرام ۾ سوالن جا جواب ڏيندي تجزئي نگار مزمل سهروردي چيو ته پريس ڪانفرنس ته اوهان ڪري ڇڏي پر اوهان فالو اپ روڊ ميپ ڪهڙو آهي؟ نه ته اهڙيون پريس ڪانفرنسون فوج جي رٽ کي ڪمزور ڪن ٿيون. اهڙي پريس ڪانفرنس کان اڳ حڪومت سان ڳالهائڻ گهرجي. پريس ڪانفرنس کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ مريم نواز ڪو تبصرو ئي ناهي ڪيو. حڪومت کي فوج جي اداري جي ڳالهه ٻڌي ان تي ڪو ايڪشن وٺڻ گهرجي، حڪومت ان کي نظرانداز نٿي ڪري سگهي. قانون واري وزارت، گهرو وزارت، پارليامينٽ کي ان تي ڳالهائي روڊ ميپ، ايڪشن وٺڻو پوندو. جڏهن فوج ڪنهن کي سڪيورٽي ٿريٽ قرار ڏئي ٿي ته پوءِ قانون ۾ ڪهڙا رستا آهن؟ انهن تي هلڻو پوندو. پر جيڪڏهن ان کي رڳو بيانيي لاءِ چيو ويو آهي ته فوج کي اهڙو بيانيو نه ٺاهڻ گهرجي، بيانيو سياسي جماعتن جو ڪم آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.