ڪراچي ۾ ثقافتي ريلي جي رستا روڪ، چڪريون، پوليس جي شيلنگ، ڪيترائي گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ثقافت ڏهاڙي جي سلسلي ۾ شاهراهه فيصل تي ايف ٽي سي ڀرسان ڪڍيل ريلي کي پوليس ڪنٽينر رکي روڪي ڇڏيو، جنهن بعد پوليس ۽ شرڪت ڪندڙن وچ ۾ چڪريون ٿي پيون. پوليس طرفان ڳوڙها آڻيندڙ گيس جي شيلنگ ڪئي وئي، جڏهن ته ريلي ۾ شامل نوجوانن احتجاج ڪيو. پٿراءُ ۽ ڀاڄ دوران پوليس جي گاڏين ۽ واٽر ٽينڪر جا شيشا ٽٽي پيا، جڏهن ته ڪيترائي شرڪت ڪندڙ زخمي ٿي پيا. پوليس ڪيترن ئي ماڻهن کي حراست ۾ پڻ ورتو. شيلنگ دوران زخمي ٿيلن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. رستا بند ٿيڻ سبب شاهراهه فيصل تي ٽريفڪ جام رهي ۽ مسافر ڪيترائي ڪلاڪ پريشان رهيا. واقعي کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پوليس جي شيلنگ ۽ رستا روڪ جي سخت مذمت ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه واهپيدارن پوليس تي لٺبازي جا الزام به هنيا. ٻئي پاسي گهرو وزير ضياءُالحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هنگامو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪندڙن خلاف فوري ڪارروائي ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته پوليس جي گاڏين، شهري ملڪيت کي نقصان پهچائيندڙن کي گرفتار ڪيو وڃي ته جيئن شهر ۾ امن قائم رهي. پوليس جو چوڻ هو ته ريلي کي ڪالا پل کان صدر ڏانهن وڃڻ لاءِ چيو ويو هو. ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن مزاحمت ڪئي ۽ پوليس تي پٿر اڇلايا. واقعي کانپوءِ وڏي انگ ۾ وڪيلن پاران ڌرڻو هنيو ويو جنهن کانپوءِ ثقافتي ريلي دوران گرفتار ڪيلن کي آزاد ڪيو ويو. وڪيل اڳواڻن ٿاڻي پهچي نوجوانن کي آزاد ڪرايو. ان موقعي تي اڳواڻ عامر نواز وڙائچ چيو ته ماڻهن تي لٺ بازي ۽ شيلنگ ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا. هي عيد جي موقعي تي اهڙي ڪارروائي افسوس جوڳي آهي. صدر ٿاڻي ۾ جن کي به گرفتار ڪيو ويو هو سڀني کي آزاد ڪيو ويو آهي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ثقافتي ڏهاڙو ملهائڻ جي سزا طور گرفتار ڪيل نوجوانن کي آزاد ڪيو ويو. ڪراچي بار جي صدر ۽ وائيس صدر شخصي ضمانت ڏني جنهن تي سڀني دوستن کي آزاد ڪيو ويو. اڳواڻن سنڌ حڪومت جي پاليسي تي افسوس جو اظهار ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.