اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف سنڌ جي ثقافتي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسين پنهنجي سنڌي ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏجي سندن شاندار ثقافت جو جشن ملهائي رهيا آهيون، وزيراعظم موجب سنڌ ثقافتي ڏهاڙي پاڪستان جي ثقافتي هم آهنگي ۾ بي مثال ڪردار ادا ڪيو آهي، سنڌ اها سرزمين آهي جتي شاهه عبداللطيف ڀٽائي ۽ سچل سرمست جهڙا روحاني شاعر پيدا ٿيا، جن جو پيغام محبت، ڀائيچاري ۽ برداشت اڄ به قوم کي ٻڌي ۽ همدردي ڏانهن رهنمائي ڪري ٿو، سنڌ جي جي ورثي ۾ اجرڪ، ٽوپي، موسيقي، ادب ۽ لوڪ روايتون هڪ روشن سڃاڻپ طور نظر اچن ٿيون.