نيويارڪ(پ ر) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا (سانا) نيويارڪ چيپٽر پاران 6 ڊسمبر ڇنڇر ڏينھن سنڌي ثقافت جو ڏھاڙوآمريڪا جي سڀ کان وڏي شھر نيويارڪ جي دل ٽائيمز اسڪوائر تي ملھايو ويو: سنڌي ثقافتي ويس اجرڪ ۽ ٽوپي پائي سنڌي ماڻھن سنڌي گيتن تي جھمريون ھنيون ته شھر جي سياحتي مرڪز ٽائيمز اسڪوائر تي دنيا جي مختلف ملڪن مان آيل سياح توڙي مقامي ماڻھو پڻ سنڌين جي ثقافتي عيد ۾ شامل ٿي ويا ۽ سنڌي گيتن تي جھمريون ھنيون. سنڌين جي ثقافتي ميلي ۾ ڪارا، گورا، عورتون، مرد، ڇوڪرا ڇوڪريون، جوان ۽ ٻار پڻ خوشي خوشي سان سنڌي گيتن تي مست ٿي رقص ڪندا رھيا. عابده پروين، احمد مغل ۽ ٻين فنڪارن جي سنڌي گيتن جي گونجار تي ميلي ۾ شريڪ ٿيندڙ سنڌي توڙي سياح جھومندا رھيا. ان موقعي تص ڳالھائيندي سانا نيويارڪ چيپٽر جي ڪوآرڊينيٽر ڪاشف جلباڻي چيو ته ھي سنڌي ثقافتي اسان جي قومي عيد آھي رمضان چانڊيو چيو ته ٽائيم اسڪوائر جي پبلڪ پليس ۽ سياحتي ماڳ تي سنڌ جو ثقافتي ڏھاڙو ملھائڻ جو مقصد دنيا کي سنڌين جي ھزارين سال پراڻي تھذيب ۽ ثقافت بابت آگاھي ۽ جاڳرتا ڏيڻ آھي علي خاصخيلي چيو ته سنڌين کي ڳنڍڻ لاء جلد ھڪ ٻيو پروگرام پڻ منعقد ڪيو ويندو.، حميد چانڊيو، چيٽر جي اھم ميمبرن شوڪت زرداري، شھادت علي ملاح، ذوالفقار ڪوريجو، ڊاڪٽر ساجن داس ۽ ٻين پڻ پنھنجا ويچار ونڊيا.