سگا پاران قومي ثقافتي ريلي تي پوليس تشدد جي سخت لفطن ۾ مذمت

ڪراچي (پ ر) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن ثقافتي ڏهاڙي جي حوالي سان نڪتل پرامن ريلي تي شاهراهه فيصل، ڪراچي تي پوليس پاران تشدد ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گئس استعمال ڪرڻ جهڙي افسوسناڪ واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي، جنهن ۾ شاگرد، نوجوان، عورتون ۽ ٻار پڻ زخمي ٿيا، جڏهن ته ڪيترن ئي شهرين کي بنا ڪنهن قانوني جواز جي حراست ۾ ورتو ويو، جيڪا نه رڳو شهرين جي آئيني ۽ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي، پر هڪ پرامن ثقافتي تقريب تي رياستي طاقت جو غير مناسب استعمال پڻ آهي.
سگا جي مرڪزي قيادت چيئرمين رفيق احمد جعفري، وائيس چيئرمين خالد حسين چنا، سيڪريٽري علي حسين بروھي، ڊپٽي سيڪريٽري جنرل بخش علي چانڊيو، ماليات سيڪريٽري نور محمد سيال، اطلاعات سيڪريٽري احمد حسن پنهور، سيڪريٽري صحت ڊاڪٽر محمد علي راهپوٽو، سيڪريٽري تعليم منظور حسين اڄن، سيڪريٽري ثقافت شهاب الدين شاهاڻي ۽ سيڪريٽري عورتن جي ترقي حميده خاصخيلي ۽ مرڪزي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن ان عمل جي مذمت ڪندي چيو ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل ويڊيو ۾ هڪ پوليس اهلڪار پاران غير اخلاقي رويو اختيار ڪرڻ تي پڻ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيون ٿا، جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار کي سادي لباس ۾ معصوم شهرين سان گندي، غير اخلاقي ۽ بدتميزي واري ٻولي استعمال ڪندي صاف ڏسي سگهجي ٿو،. ان کان علاوه، ثقافتي ڏينهن ملهائيندڙ بيگناهه شهرين خلاف داخل ڪيل بي بنياد ايف آءِ آر نه صرف انصاف جي توهين آهي، پر هڪ واضح ڪوشش آهي ته پرامن شرڪت ڪندڙن تي ڪوڙا الزام هڻي کين دٻايو وڃي.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن وفاقي ۽ صوبائي اعليٰ اختيارين خاص طور تي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس سنڌ، ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل آف پوليس ڪراچي کان مطالبو ٿي ڪري ته پيش آيل واقعي جي منصفاڻي، شفاف ۽ غير جانبداراڻي جاچ فوري طور شروع ڪئي وڃي، سادي لباس وارن اهلڪارن سميت سمورن پوليس عملدارن جي خلاف فوري طور کاتيوار (ڊسيپلينري) ڪارروائي ڪئي وڃي، جن شهري حقن جي لتاڙ ڪئي، بيگناهه شهرين خلاف داخل ڪيل ايف آءِ آر کي فوري طور رد ڪيو وڃي، زخمين کي طبي امداد، قانوني سهڪار ۽ رليف فراهم ڪيو وڃي، مستقبل ۾ اهڙي رياستي تشدد جي روڪٿام لاءِ واضح پاليسي ۽ ضابطا لاڳو ڪيا وڃن.
سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن واضح ڪري ٿي ته سنڌي ثقافت جو ڏينهن امن، محبت ۽ قومي سڃاڻپ جو ڏينهن آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جو تشدد يا دهشتگردي وارو رويو ڪنهن به طرح برداشت نه ڪيو ويندو، سگا هر سطح تي قانوني، اخلاقي ۽ سماجي جدوجهد جاري رکندي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي بنيادي، آئيني ۽ ثقافتي حقن جي حفاظت لاءِ آواز بلند ڪندي رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.