اسٽيبلشمينٽ اهو ڪيو جيڪو عمران چاهي پيو:تجزئي نگار

اسلام آباد(عوامي آواز رپورٽ)سينئر صحافي رئوف ڪلاسرا چيو آهي ته منهنجي خيال ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر کي پريس ڪانفرنس نه ڪرڻ گهرجي ها، اسٽيبلشمينٽ بلڪل اهوئي ڪم ڪيو آهي جيڪو عمران خان چاهيو پئي، ۽ خان صاحب اها سڀ ڳالهه ٻڌي يقيناً خوش ٿيندا هوندا،هن چيو ته  هن سان عمران خان جو اميج ۽ مقبوليت وڌندي۔ ماڻهن کي لڳندو ته هو هڪ ون مين آرمي آهي، جيڪو اڪيلو پوري فوجي ادارو سامهون بيهي ويو،هن چيو ته عمران خان وٽ هارائڻ لاءِ ڪجهه به ناهي، فوج جي اداري جو هن خلاف بيان تمام غيرمعمولي واقعو آهي، گورنر راڄ ۽ پارٽي تي پابندي جهڙا فيصلا هائبرڊ نظام لاءِ فائديمند ثابت نه ٿيندا،عمران خان جي ذهن ۾ آهي ته هو تمام  گهڻو مقبول آهي،هاڻي فوج ۽ پي ٽي آءِ ۾ صلح لاءِ ڪا به گنجائش ناهي بچي،هن چيو ته سموري پارٽي جيل ۾ آهي،ان کان وڌيڪ سختي ڇا ڪندا؟ڊي جي آءِ ايس پي آر بدران حڪومت کي جواب ڏيڻ گهرجي ها، حڪومت فوج ۽ عمران خان وچ ۾ مقابلي جو تماشو ڏسي رهي آهي،اينڪر منصور علي خان چيو آهي ته عمران خان جيڪو چاهي پيو اهو ٿي ويو،عالمي ميڊيا هن کي ڀرپور ڪوريج ڏئي رهي آهي،اڊيالا جيل ۾ سختي هجي يا چونڊيل نمائندن خلاف وٺ پڪڙ ٿئي ،24 ڪلاڪن ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ٿيڻ وارو آهي،هاڻي شيون خراب ٿيڻ واريون آهن، ن ليگ چاهي ٿي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ عمران خان وچ ۾ جهيڙو وڌي،ان جو فائدو ن ليگ کي ٿي رهيو آهي،اهو سلسلو ڀلي پنج ڏهه سال هلندو رهي،ان سان ن ليگ جا مطالبا به اسٽيبلشمينٽ منظور ڪندي رهندي، صحافي مجيب الرحمان شامي چيو ته “جنهن کي ماڻهو ووٽ ڏين ٿا، جنهن جي پويان ڪروڙين ماڻهو بيٺل هوندا آهن، اهو غدار بڻجي ويندو آهي، ۽ چيو ويندو آهي ته قومي سلامتي کي خطرو آهي،هي ڪهڙو ملڪ آهي اسان جو؟ جتي اڪثريت کان ملڪ کي خطرو بڻايو وڃي ٿو؟ اهو تماشو ختم ٿيڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.